عمران خان

عمران خان

عمران خان 1

عمران خان: اسلامي جمھوريه پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم مشھور سياستدان، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان، سماجي اڳواڻ ۽ شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ پاڪستان جو باني، عمران خان، 25 نومبر 1952ع تي اڪرم الله خان جي گهر، لاهور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق پٺاڻ قبيلي جي نيازي خاندان سان آهي. ثانوي تعليم لاهور مان حاصل ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم لاءِ برطانيا ويو، جتي رائل گرامر اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان کانپوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سياست) جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ دوران 1974ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رهيو، عمران خان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ جي شروعات 1970 1969ع ۾ لاهور پاران سرگوڌا خلاف ميچ کيڏڻ سان ڪئي. 1971ع ۾ انگلنڊ خلاف پھرين ٽيسٽ ميچ کيڏيو. هن 88 ٽيسٽ ميچون کيڏڻ دوران 362 وڪيٽون سراسري شرح 22.81 سان حاصل ڪيون.
هن 82 1981ع ۾ لاهور ۾ سريلنڪا جي ٽيم جي 8 رانديگرن کي رڳو 58 رنسن تي آئوٽ ڪيو هو. ان کان سواءِ هن 23 ڀيرا هڪ اننگ ۾ پنج پنج وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ سراسري شرح 36.69 سان 3807 رنسون ٺاهيون، جن ۾ پنج سينچريون به شامل هيون. هن جو وڏي ۾ وڏو اسڪور 132 رنسون آهي، جيڪو هن 1991ع ۾ ايڊي لينڊ ۾ آسٽريليا خلاف ٺاهيو.
سندس ڪپتانيءَ ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم 48 ٽيسٽ ميچون کيڏيون، جن مان 14کٽيون، 8 هارايون ۽ 26 برابر يا بنا نتيجي ختم ٿيون. عمران خان 175 ون ڊي ميچن ۾ حصو ورتو، جن ۾ 182 وڪيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته سراسري شرح 33.41 سان کيڏندي 3709 رنسون ٺاهيون. ون ڊي ميچن ۾ سندس وڌ ۾ وڌ اسڪور 102 رنسون ناٽ آئوٽ آهي، اهو رڪارڊ هن سريلنڪا خلاف کيڏندي 1983ع ۾ جوڙيو. سندس قيادت ۾ 139 ون ڊي ميچون کيڏيون ويون. جن مان 77 کٽيائين 57 هارايائين. چار ميچون بنا نتيجي رهيون. جڏهن ته هڪ ميچ برابر رهي. سندس ڪپتانيءَ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پھريون ڀيرو ‘ورلڊ ڪپ’ کٽڻ جو اعزاز 1992ع ۾ حاصل ڪيو.
عمران خان 5 عالمي ڪرڪيٽ ڪپ جي ميچن ۾ حصو ورتو، جيڪي 1975ع، 1979ع، 1983ع، 1987ع ۽ 1992ع ۾ ٿيون. عمران خان جي قيادت ۾ 1992ع ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان انگلينڊ کي فائنل ۾ هارايو هو. ورلڊ ڪپ کٽڻ بعد عمران خان بين الاقوامي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺي سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. سندس اهم ڪم لاهور ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ آهي، ان اسپتال جو نالو هن پنھنجي والده جي نالي ‘شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال’ رکيو. ان اسپتال ٺاهڻ لاءِ هن سموري ملڪ ۾ مھم هلائي چندو گڏ ڪيو.
هن 25 اپريل 1996ع ۾ سياسي تنظيم ‘پاڪستان تحريڪ انصاف’ ٺاهي باقاعده سياست جي شروعات ڪئي. هي 2013ع جي اليڪشن ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، جڏهن ته ان سال خيبر پختونخواه صوبي ۾ جماعت اسلاميءَ جي سھڪار سان سندس پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿي. هن مسلم ليگ نواز جي حڪومت خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ۽ نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيا، جنھن جي قانوني ٻڌڻين بعد سپريم ڪورٽ 28 جولاءِ 2017ع تي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءَ مريم نواز، پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز کي نااهل قرار ڏيندي، نوازشريف کي وزيراعظم جي عھدي تان هٽائي ڇڏيو.
عمران خان ازدواجي زندگيءَ جي حوالي سان پھرين شادي 1995ع ۾ برطانيا جي هڪ واپاري سر جيمز گولڊسمٿ جي ڌيءَ جمائما سان ڪئي، جنھن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿيو. 22 جون 2004ع تي عمران خان ۽ جمائما وچ ۾ طلاق ٿي وئي، جنھن بعد هن ٻي شادي، 8 جنوري 2015ع تي پاڪستان ۽ برطانيا جي مشھور صحافي ريحام خان سان ڪئي، پر اها شادي به گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ 30 آڪٽوبر 2015ع تي ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي. 2018ع ۾ عمران خان ٽين شادي بشريٰ مانيڪا سان ڪئي.
عمران خان جي پارٽيپاڪستان تحريڪ انصاف’ 2018ع جي عام چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، جنھن کانپوءِ عمران خان 18 آگسٽ 2018ع تي اسلامي جمھوريه پاڪستان جي 22هين چونڊيل وزيراعظم طور حلف کنيو. هن جي وزيراعظم چونڊجڻ جي ٻن سالن بعد نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جمعيت العلماء اسلام پاران حڪومت مخالف تحريڪون هلايون ويون، جن اڳتي هلي گڏيل طور حڪومت مخالف اتحاد ڪيو ۽ ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف ڪيتريون پٽيشنون داخل ڪيون. مسلسل تحريڪ هلڻ سبب عمران خان جا ڪيترائي اتحادي ساٿ ڇڏي ويا. اهڙي صورتحال ۾ مخالف اتحاد سندس حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي، جيڪا اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ سندس حڪومت جو خاتمو آيو. ساڳي ايوان ۾ شھباز شريف نئون وزيراعظم چونڊيو ويو، جنھن جي اقتدار ۾ اچڻ بعد عمران خان تي توشا خانا ڪيس سميت ٻيا ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ کيس گرفتار ڪري جيل ۾ رکيو ويو. 2024ع جي اليڪشن ۾ سندس پارٽيءَ کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، جنھن بعد سندس حمايت يافته اميدوار آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهيا. اليڪشن بعد سندس سمورن حمايتي ميمبرن سني ڪائونسل ۾ شامل ٿي، خيبر پختونخواه صوبي ۾ پنھنجي حڪومت ٺاهي. جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف سيٽن تي ويٺا.
2013ع ۾ عمران خان جي زندگيءَ تي ٻَڌل فلم ‘ڪپتان’ ٺاهي وئي آهي، جنھن ۾ 1992ع کان 2013ع تائين سندس زندگيءَ بابت ڪھاڻي ڏيکاري وئي آهي. عمران خان هيٺيان ڪتاب لکيا آهن:
1. An Approach to King Lear (1975)
2. Imran: The Autobiography Of Imran Khan (1983)
3. All Round View (1988)
4. Imran Khan's Cricket Skills (1989: Imran Khan and Peter Ball)
5. Indus journey (1990)
6. Warrior Race (1993)
7. Pakistan: A Personal History (2011)
8. مين اور ميرا پاڪستان (2011)
9. Love is Evergreen (2013)
عمران خان کي ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن عيوض ڪيترن ئي ڏيھي توڙي پرڏيھي اوارڊن سان نوازيو ويو، جن ۾ حڪومت پاڪستان پاران ‘هلال امتياز’ صدارتي اوارڊ ۽ انساني حقن جو ايشيا اوارڊ نمايان آهن. عمران خان هن وقت توشاخانا سميت ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جيل ۾ آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو