عمران، سورت: قرآن مجيد جي بيان موجب عمران بي بي مريم جو والد ۽ حضرت عيسى عليه السلام جو نانو هو. بي بي مريم جي ماءُ (عمران جي زال) جو نالو حنا هو. انهن جي ئي واقعي جي نالي سان قرآن مجيد جي هڪ سورت آل عمران آهي. پڙهڻ جي لحاظ سان ان جو ٽيون نمبر آهي. سورت بقره کان پوءِ سڀ کان وڏي اهائي سورت آهي. هيءَ سورت مديني شريف ۾ نازل ٿي، هن ۾ 200 آيتون ۽ 20 رڪوع آهن. مديني شريف ۾ نازل ٿيڻ جو سبب هن جون 80 کان وڌيڪ آيتون نجران جي عيسائي نمائندن جي باري ۾ آهن، جن کي اسلام جي تحقيق لاءِ مديني شريف موڪليو ويو هو. قرآن مجيد جي سچائيءَ جي ذڪر ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو ويو آهي ته تورات ۽ انجيل جو انڪار ڪندڙ دنيا ۾ ذليل ۽ خوار ٿيا ۽ قرآن مجيد کي نه مڃندڙن جي به اهائي سزا هوندي.