عمران مگسي

عمران مگسي

عمران مگسي

عمران مگسي: نوجوان انجنيئر ۽ ليکڪ عمران مگسيءَ جو پورو نالو شهزاده عمران ولد لياقت علي مگسي هو. سندس جنم 25 آگسٽ 1975ع تي ڳوٺ گل محمد مگسي، تعلقي دادوءَ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو مان ڪئي. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد گوادر سامونڊي بندرگاهه ۾ انجنيئر مقرر ٿيو. بعد ۾ اوشن گرافي (سمنڊ بابت علم) کاتي، ٺٽي ۾ ملازمت ڪيائين. بعد ۾ B.H.P Billiton نالي تيل ڪمپنيءَ ۾ سعودي عرب ۾ نوڪري ڪيائين، جنهن دوران ڪيترائي عمرا ۽ ٻه حج پڻ ڪيائين. عمران مگسيءَ آخر ۾ نوڪري ڇڏي ٺيڪيداري ڪئي. عمران مگسيءَ کي ادبي ماحول سندس والد کان مليو. سندس ڪيترائي سنڌي، انگريزي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. کيس سنڌ، انگريزي، پنجابي، سرائڪي ۽ بلوچي زبانن تي دسترس حاصل هو.
عمران جي ڇپيل مضمونن ۾ هيٺيان قابل ذڪر آهن:
1.Its hard to say good bye, Souvenir, Mehran University, 2001
2.Overcoming potable water scarcity, daily Nation Lahore, 2003
3.Desalination Technology can end water scarcity, Daily Nation, 2003.
سندس سنڌي مضمونن ۾ ‘خدا آباد، ماضي ۽ حال’ (منڇر مئگزين 2000ع) قابل ذڪر آهي. عمران مگسيءَ 14 اپريل 2016ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو