عمراڻي

عمراڻي (ذات): هڪ ذات جو نالو، هن قبيلي وارن جي اڪثريت قلات رياست ۾ رهي ٿي. هيءَ ذات بڙدي قبيلي جي هڪ شاخ آهي. عمراڻين جي وڏي ڏاڏي جو نالو عُمر هو، جنهن پٺيان هي عمراڻي سڏجڻ لڳا. هن ذات وارا ماڻهو تقريباً سڀني شهرن ۾ آباد آهن. سنڌ جو ناليوارو فنڪار غلام حسين عمراڻي پڻ هن قبيلي سان تعلق رکي ٿو.
عمراڻي قبيلي جي اهم پاڙن ۾: (1) عمراڻي (2) باوٿاڻي (3) بهرياڻي (4) دلاورزئي (5) درخاڻي (6) دالسياڻي (7) غنورهياڻي (8) گهوٽاڻي (9) هڏواڻي (10) جروار (11) جونگاڻي (12) جئياڻي (13) ملگهاڻي (14) ملنگاڻي (15) ميواڻي (16) نوٽيڪاڻي (17) پرياڻي (18) پالياڻي (19) ڦاناڻي (20) سعيداڻي (21) ساٿياڻي (22) صاحباڻي (23) سلوياڻي سَئِزنزئي (24) ٿئنگياڻي ۽ (25) ياراڻي شامل آهن. ان کانسواءِ حجامن ۾ عمراڻي پاڙو پڻ آهي.


لفظ عمراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو