عمراڻي، فضل محمد، پروفيسر: اديب ۽ مترجم پروفيسر فضل محمد عمراڻي، پهرين مئي 1963ع تي ڳوٺ چاڪياڻي، تعلقي شهدادڪوٽ ۾ حاجي محمد بخش عمراڻيءَ جي گهر جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي، انٽر تائين شهدادڪوٽ ۾ پڙهيو. بي. ايس.سي (آنرز) ۽ ايم. ايس. سي (فزڪس) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين. 1988ع ۾ فزڪس ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. شروعاتي طور سندس مقرري ڏوڪري ڪاليج ۾ ٿي. هن 1992ع کان سيد گل محمد شاهه بخاريءَ جي صحبت سبب ادبي دنيا ۾ پير پاتو. ان دوران هن بخاري صاحب کان قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير پڻ پڙهيا. پاڻ مختلف موضوعن تي لکندو رهي ٿو، پر ترجمي ۾ سندس ڪم اهميت جوڳو رهيو آهي. سندس ترجمو ڪيل ٽي ڪتاب ‘هادي جون هدايتون’ (حديثن جي ترجمي تي مشتمل)، ‘تاريخي تقريرون’ ۽ مولانا مودوديءَ جي اردو ڪتاب ‘نثري تقريرين’ جو ترجمو ڇپجي چڪا آهن. پاڻ مختلف موضوعن تي مضمون ۽ تحقيقي مقالا لکندو رهي ٿو، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا پڻ رهيا آهن. هي سنڌي ادبي سوسائٽي شهدادڪوٽ شاخ جو صدر، شهدادڪوٽ علمي ادبي تنظيم جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر رهڻ سان گڏ ٻين ڪيترن ئي ادبي ادارن سان پڻ وابسته آهي. هن وقت ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.