عمراڻي، ميان هوت فقير: لاڙ جي مشھور بزرگ هوت فقير جي والد جو نالو شاهو فقير هو. پاڻ رندن جي عمراڻي قبيلي مان هو. اصل بلوچستان جي ضلعي سبيءَ جي ڳوٺ ڪنگ جو رهاڪو هو. سندس وڏا ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي جا مريد هئا. پاڻ ننڍپڻ کان ئي مجذوبيءَ جي حالت ۾ رهندو هو ۽ دنياداريءَ کان پري رهندو هو. هيءُ پنھنجي ڀائرن سان ڪنهن ڳالھہ تي ڪاوڙجي پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي هڪ خيمي ۾ پنھنجي خانقاھہ قائم ڪري، ياد الاهيءَ ۾ مشغول رهڻ لڳو. سندس خانقاھہ تي لنگر هر وقت جاري رهندو هو. جڏهن نامور بزرگ ۽ درويش سيد قادر ڏنو شاھہ سنڌ مان حرمين شريف ويو، تڏهن کيس بشارت ملي تہ بلوچستان وڃي هوت فقير کي فيض ڏي. پوءِ سيد قادر ڏنو شاھہ بلوچستان ويو ۽ هوت فقير جي ڳوٺ جي ٻاهران مراقبو هڻي ويهي رهيو، جتي ڪيترائي حاجتمند ۽ فقير وٽس آيا. اها خبر جڏهن هوت فقير کي پئي، تڏهن پهريان قادر ڏني شاھہ ڏانهن پنهنجو قاصد موڪلي ڪجهہ سوال ڪيائين، ان بعد پاڻ وٽس آيو. هوت فقير جڏهن سيد قادر ڏني شاھہ سان ڀاڪر پائي مليو، تڏهن عقيدتمند چون ٿا تہ مٿس اهڙي حالت طاري ٿي وئي، جو اٺ پھر بيهوشيءَ جي حالت ۾ پيو رهيو. هوت فقير هوش ۾ اچڻ بعد قادر ڏني شاھہ سان گڏ لاڙ طرف روانو ٿيو، سندس ڀائر ۽ ٻيو سمورو ڪٽنب بہ ساڻس گڏ آيو. ڀائرن هوت فقير کان پهريان تہ ناراض ٿيڻ جي معافي ورتي، پوءِ سندس ڀائر ۽ ٻيو سمورو ڪٽنب بہ ساڻس گڏ آيو، اُن وقت فقير جا چار عمراڻي خليفا بہ گڏ آيا. لاڙ ۾ اچڻ کانپوءِ بدين ضلعي جي ڳوٺ درماڻيءَ ۾ رهائش پذير ٿيا، جتي اڄ بہ سندس ‘دونهي’ موجود آهي. بعد ۾ چنيري ڀرسان موجود مزار واري زمين خريد ڪري رهي پيو. کيس وفات بعد پنھنجي ڳوٺ واري ذاتي خريد ڪيل زمين ۾ دفنايو ويو. سندس مزار تي سنڌ ۽ بلوچستان مان هزارين مريد ۽ عقيدتمند ايندا رهندا آهن. سندس طريقو ميانوالي هو، جو سندس وڏڙن جو مرشد آدم شاھہ ڪلهوڙو محمد شاھہ جونپوريءَ جو مريد هو. سندس مريد شادمانو ڳائيندا آهن، سرندو وڄائيندا آهن، ڪاري کٿي ڍڪيندا آهن ۽ ‘ﷲ تو آهر’ جو ذڪر ڪندا آهن. سندس مزار تي سماع جي محفل ٿيندي آهي. هر سال 26 ۽ 27 شوال تي ميلو لڳندو آهي.