عمري دوران ماڻهو ڪعبة الله شريف جو طواف ڪري رهيا آهن

عمري دوران ماڻهو ڪعبة الله شريف جو طواف ڪري رهيا آهن

عمره

عمره: حج ۽ عمري ۾ فرق هي آهي. حج 8 ذوالحج ۽ 13 ذوالحج جي وچين تاريخن ۾ (سڄي سال ۾ هڪ دفعو) ادا ڪجي ٿو ۽ عمرو سڄي سال ۾ ڪنهن بہ وقت ادا ڪري سگهجي ٿو. ٻيو تہ حج ۾ وقوف عرفات ۽ قرباني ڪرڻي هوندي آهي ۽ عمري ۾ اهي شيون نہ آهن. ٽيون تہ حج اجتماعي عبادت آهي ۽ عمرو انفرادي. تنهن هوندي بہ عمرو حج جو هڪ قسم آهي، ڪي ماڻهو ان کي ننڍو حج بہ چون ٿا. عمري ۾ مٿي ٻڌايل فرقن کان سواءِ حج وارا ٻيا سڀ ارڪان ادا ڪيا وڃن ٿا. عمري ادا ڪرڻ جو بہ گهڻو ثواب ملي ٿو، خاص طور تي رمضان شريف ۾ عمري جو ثواب وڌيڪ آهي. حاجي سڳورا گهڻو ڪري حج جي موقعي تي عمري جي نيت بہ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ عمري جو احرام ٻڌي سمورا احڪام پورا ڪري
8 ذوالحج کان اڳ ۾ ئي احرام کولي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ حج جو احرام ٻڌندا آهن. انهيءَ کي حج ‘فرقان’ چوندا آهن. پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن 7 هجريءَ ۾ عمرو ادا ڪيو هو.
انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام’ جي بيان موجب: اهو خيال ڪيو وڃي ٿو تہ اسلام کان اڳ رجب جي مهيني ۾ عمري جي ادائگي مڪي جي هڪ عام رسم جي صورت ادا ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ جانورن کي قربان ڪيو ويندو هو. اسلام جي شروعاتي ڏينهن ۾ ان ۾ تبديلي ڪئي وئي، تنهنڪري عمري کي حج کان ڌار حيثيت ڏيڻ لاءِ جي حڪم مطابق عمرو سال ۾ ڪنهن بہ وقت ۽ حج لاءِ ذي الحج جي نائين ۽ ڏهين تاريخ جا ڏينهن مقرر ڪيا ويا. عمرو جن مذهبي رسمن تي مشتمل آهي، انهن جي ادائيگي صرف مقدس مسجد جي احاطي ۾ ٿي سگهي ٿي. حج جيان عمري ۾ منا ۽ عرفات جو سفر ۽ جانورن جي قرباني نٿي ڪئي وڃي. تنهن هوندي بہ اسلام ۾ حج دوران عمري ڪرڻ جي اجازت آهي.
عمري جي ادائگيءَ جا اهم عنصر هن ريت آهن: (1) عمري جي نيت ڪرڻ، (2) احرام ٻڌڻ/ پائڻ، (3) خانہ ڪعبه جي چؤڌاري ست ڀيرا طواف ڪرڻ/ ڦرڻ، (4) حجر اسود کي ڇهڻ، (5) حضرت ابراهيم عليہ السلام جي قيام واري هنڌ نماز ادا ڪرڻ، (6) صفا ۽ مروه جبلن جي وچ ۾ تيز تيز قدمن سان هلڻ، (7) مرد پنھنجي مٿي جا وار ڪوڙائين ۽ عورتون وارن جي چَڳ کان انچ جيترا وار ڪٽائين. عورتن لاءِ احرام ٻڌڻ ۽ وار ڪوڙائڻ لازم ڪونهي. عمري دوران ماڻهو حضرت اسماعيل عليہ السلام ۽ سندن والدہ حضرت حاجره جي ياد ۾ ‘آب زم زم’ جو پاڻي پيئندا آهن، جيڪو جي حڪم سان سندن لاءِ جاري ٿيو ۽ جنهن پاڻي سبب عرب جو ويران ملڪ سيراب ٿيو.
ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن کان سڄي دنيا مان اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تقريباً لکن جي تعداد ۾ ماڻهو عمري جي سعادت ذريعي جي گهر جي زيارت ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ عمرو سال جي ڪنهن بہ مهيني ۾ ڪنهن بہ وقت ادا ڪري سگهجي ٿو پر موجود وقت ۾ ماڻهو خاص ڪري رمضان المبارڪ جي با برڪت مهيني ۾ عمرو ادا ڪرڻ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا.
عـمـره قـضـا: سـن 6 هـجـري صلح حديبيه جي موقعي تي حضور نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن احرام ٻڌو هو. پر ان سال صلح جي شرطن جي ڪري عمرو ادا ڪري نہ سگهيا. ان ڪري اڳئين سال 7 هجريءَ ۾ عمرو ادا ڪيائون. جيئن تہ پاڻ اڳ ۾ ئي ان جي نيت ڪري چڪا هئا، ليڪن صلح جي شرطن جي مجبوريءَ سبب عمرو ادا نہ ڪري سگهيا هئا. ان لاءِ ان عمري کي ‘عمرو قضا’ چيو وڃي ٿو. جيئن تہ پاڻ هجرت کان پوءِ پهريون ڀيرو مڪي شريف تشريف فرما ٿيا، ان ڪري هي عمرو خاص اهميت وارو هو. مڪي جا قريشي ڪافر مسلمانن کي ڪعبة شريف جو طواف ڪندي ڏسي نہ ٿي سگهيا، ان ڪري اهي ان موقعي تي شھر کان ٻاهر نڪري ويا. پاڻ ڪريمن صہ طواف بابت فرمايو تہ: “پهريان ئي طواف جلدي جلدي ڪيا وڃن.” تان جو ان وقت کان اڄ تائين ان حڪم جي تعميل ۾ ساڳيو طريقو جاري آهي. ان کي ‘رَمل’ چون ٿا. ان موقعي تي پاڻ ڪريمن صہ جن ٽي ڏينهن مڪي ۾ رهيا ۽ پوءِ مديني شريف موٽي آيا.


لفظ عمرهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو