عمرو بن حفص المهلبي

عمرو بن حفص المهلبي (151ھہ 767ع): ‘تاريخ سنڌ- عرب دور’ موجب عباسي خليفي موسيٰ بن ڪعب کان پوءِ بن حفص المهلبي'>عمرو بن حفص المهلبي کي سنڌ جو گورنر مقر ڪيو ويو. روايتن موجب هن جي گورنريءَ واري دور ۾ امام حسن رضہ جي اولاد مان عبدالله العلوي عراق مان سنڌ آيو ۽ پاڻ کي گهوڙن جو واپاري ظاهر ڪيائين، جڏهن عمرو بن حفص کي سندس اچڻ جي خبر پئي تہ هن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس اجازت ڏني تہ هو جيترو وقت چاهي، سنڌ ۾ رهي. عباسي خليفي کي جڏهن خبر پئي تہ هن کيس تنبيھہ ڪئي ۽ آفريڪا بدلي ڪري ڇڏيو. سندس جاءِ تي هشام بن عمرو التغلبي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. ساڳي ڳالھہ اليعقوبي بہ لکي آهي ته، عمرو بن حفص کي خليفي منصور سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو هو. ان کان پوءِ هشام بن عمرو تغلبي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو.


لفظ عمرو بن حفص المهلبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو