عمرو بن محمد بن قاسم: جڏهن سنڌين اٺين عرب گورنر حڪم بن عوانه جي خلاف (121هه 738ع) بغاوت کڙي ڪئي، ته ان وقت حڪم نوَ سال سنڌ تي حڪومت ڪرڻ کان پوءِ مارجي ويو. سندس جاءِ تي محمد بن قاسم جو پٽ عمرو (121هه/ 739ع) سنڌ جو نائون گورنر مقرر ڪيو ويو. عمرو سنڌ ۾ حڪم بن عوانه جو نائب ٿي ڪم ڪندو هو. عمرو ۽ ابن عرار جي وچ ۾ گورنريءَ تان تڪرار ٿيو، پر اوڀر سنڌ جي گورنر (ملتان جي گورنر) يوسف بن عمر سندس پٺڀرائي ڪئي ۽ ابن عرار کي قيد ڪيو ويو. انهي ڪري مقامي بغاوت ڪر کنيو. سنڌ جي عرب قبيلن ۽ ديس واسين وچ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي. عمرو بن محمد پاڻ ۾ سگهه نه ساريندي وڃي ‘محفوظه’ جي قلعي ۾ بند ٿيو، جنهن کي مقامي ماڻهن ڪڙو چاڙهيو. ترت عراق جي گورنر يوسف بن عمر ثقفي طرفان وٽس 4000 سپاهه پهچي ويو، جن مقامي ماڻهن جو ڪڙو ختم ڪرايو. تنهن هوندي به بغاوت ختم ڪانه ٿي. عرب قبيلا مروان بن يزيد بن مهلب جي اڳواڻيءَ ۾ عمرو خلاف اٿي کڙا ٿيا. عمرو عرب باغين کي ماٺ ڪرائڻ کان پوءِ مروان کي مارائي ڇڏيو. هشام بن عبدالمالڪ جي مرڻ کان پوءِ وليد بن يزيد (ثاني) 125 هجريءَ ۾ خليفو مقرر ٿيو. جنهن سنڌ جي نائين گورنر بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم کي هٽائي يزيد بن عرار الڪلبيءَ کي سنڌ جو ڏهون گورنر مقرر ڪيو. ايم. ايڇ. پنهور جي لکڻ موجب عمرو بن محمد سنڌ ۾ هوندي ئي آپگهات ڪري ڇڏيو.
يزيد باغين خلاف 18 ڪاهون ڪيون. هن جي ئي وقت ۾ سنڌ جي گادي الور مان ڦري منصوره ٿي.