عمرو بن مسلم الباهلي: سنڌ ۾ مسلمانن جي فتح کان پوءِ اسلامي حڪومت طرفان مرڪز کان سنڌ ۾ گورنر مقرر ٿيندا رهيا. خليفي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز امويءَ اڳ ۾ مقرر ٿيل سنڌ جي گورنر جي جاءِ تي عمرو بن مسلم کي (99ھہ/ 717ع- 101ھہ/ 719ع) سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو. ان وقت سنڌ ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪ اولھہ وارو حصو، جنهن ۾ اروڙ، ديبل ۽ سيوستان (سيوهڻ) جا علائقا شامل هئا. اتي عربن جي حڪومت هئي، ان جي گاديءَ جو شھر اروڙ هو. ٻيو اوڀر سنڌ، جنهن جو تخت گاھہ برهمڻ آباد هو. جيڪو راجا جئسينه جي حڪومت هيٺ هو. ڇاڪاڻ تہ راجا ڏاهر جي پٽ اسلام قبول ڪيو هو. (حوالو: پيرائتي سنڌ ڪٿا، ايم. ايڇ. پنهور، ص 180) انهيءَ جي حدن ۾ هاڻوڪي نوابشاھہ، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ خيرپور ضلعن وارا علائقا شامل هئا. جئسينه اهي علائقا 97ھہ کان 99ھہ (715ع کان آگسٽ 717ع) جي وچ ڌاري عرب حاڪمن کان ورتا هئا. جئسينه وارو علائقو سرسبز ۽ آباد هو، جو اتان سنڌو درياھہ جي شاخن ۽ ڦاٽن کان سواءِ هاڪڙو درياھہ بہ وهندو هو. راجا ڏاهر جي پٽ جئسينه جي اسلام قبول ڪرڻ سبب اتان جي ٻين راجائن بہ ان جي پيروي ڪندي اسلام قبول ڪيو. انهيءَ عمل سبب سموري سنڌ آزاد ٿي وئي ۽ عرب سلطنت سبي (قندابيل) تائين وڃي بيٺي. سنڌ جي گورنر عمرو بن مسلم باهلي انهن علائقن کي ڇڏي، جيڪي جئسينه جي هٿ هيٺ هئا. ٻين علائقن تي مسلسل ڪاهون ڪري انهن کي واپس اموي حڪومت جي هٿ هيٺ آندو. چيو وڃي ٿو تہ هن ڪڇ کي بہ فتح ڪيو هو.
101ھہ/ 20-719ع ۾ خليفو بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز وفات ڪري ويو ۽ نئون خليفو يزيد (ٻيو) بن عبدالملڪ بنيو. انهيءَ جي دور ۾ عمرو بن مسلم باهليءَ کي هَٽائي، سندس جاءِ تي هلال بن اهوز التميميءَ کي سنڌ جو پنجون گورنر مقرر ڪيو ويو.