عمرڪوٽ ايامن کان

عمرڪوٽ ايامن کان

عمرڪوٽ ايامن کان

عمرڪوٽ ايامن کان (ڪتاب): هي ڪتاب عمرڪوٽ جي تاريخ بابت ڪرايل ‘عمرڪوٽ سيمينار’ 2010ع ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي، جيڪو عمرڪوٽ جي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر اڪبر لغاريءَ ترتيب ڏنو. ڪتاب جو انتساب ٿر جي بي موت مارجي ويل مورن ۽ هرڻن جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب بابت ‘ٻه اکر’ ۽ مهاڳ اديب ۽ شاعر مير حسن آريسر لکيو آهي. بئڪ ٽائيٽل سيد سردار علي شاهه لکيو آهي. ڪتاب ٻن حصن سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ورهايل آهي. سنڌيءَ واري حصي جي مقالن ۾: ‘عمرڪوٽ’- اشتياق انصاري، ڪولاب عمرڪوٽ عرف لانبو تلاءَ (پروفيسر غلام محمد لاکو)، نارا ڪئنال جي تاريخ ۽ تجزيو (ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه)، ‘امرڪوٽ اتهاس’ هڪ تحقيقي جائزو (ڊاڪٽر اسد جمال پلي)، عمرڪوٽ جو قلعو تاريخ جي آئيني ۾ (فقير الهورايو مهر)، ناري پٽ جون خانقاهون ۽ درگاهون (جلال ڪوريعمرڪوٽ ضلعي جا دراوڙ قبيلا ( پريتم پياسيعمرڪوٽ جي شاعرن ۽ سندن شاعريءَ جو تحقيقي جائزو (خطائي ٿيٻوعمرڪوٽ جا گائڪ ۽ سازندا (شفيع فقير)، عمرڪوٽ ضلعي ۾ زراعت ۽ ان سان جڙيل مسئلا (اياز ڪاڇيلو)، عمرڪوٽ تي سومرن جي صاحبي (عبدالرؤف سومرو)، ڍوري ناري جو مختصر تاريخي تعارف (مير حسن آريسرعمرڪوٽ جو صحافتي پسمنظر ۽ جائزو (الياس ٿري) ۽ هڪ اردو ۾ مقالو عمرڪوٽ ڪا تاريخي قلعه (مرزا ڪاظم رضا بيگ) شامل آهن، جڏهن ته انگريزي واري حصي ۾ ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، گل محمد عمراڻي، حاڪم علي شاهه بخاري، ڊاڪٽر محمد اسماعيل رند، ظهير الدين شر، علي حيدر جروار، آصف علي سانگي، انجنيئر شوڪت علي راهمون، محمد مٺل جسڪاڻي، شبنم گل ۽ غلام شبير ٻوهيو جا مقالا ڏنل آهن. ڊيمي سائيز، رنگين ڊسٽ ڪور سان هي ڪتاب ضلعي حڪومت عمرڪوٽ پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. هن ڪتاب جو سنڌي وارو حصو 197 صفحن ۽ انگريزي وارو حصو 75 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي قيمت 300 رپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو