
عمرڪوٽ ايامن کان
عمرڪوٽ ايامن کان (ڪتاب): هي ڪتاب عمرڪوٽ جي تاريخ بابت ڪرايل ‘عمرڪوٽ سيمينار’ 2010ع ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي، جيڪو عمرڪوٽ جي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر اڪبر لغاريءَ ترتيب ڏنو. ڪتاب جو انتساب ٿر جي بي موت مارجي ويل مورن ۽ هرڻن جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب بابت ‘ٻہ اکر’ ۽ مهاڳ اديب ۽ شاعر مير حسن آريسر لکيو آهي. بئڪ ٽائيٽل سيد سردار علي شاھہ لکيو آهي. ڪتاب ٻن حصن سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ورهايل آهي. سنڌيءَ واري حصي جي مقالن ۾: ‘عمرڪوٽ’- اشتياق انصاري، ڪولاب عمرڪوٽ عرف لانبو تلاءَ (پروفيسر غلام محمد لاکو)، نارا ڪئنال جي تاريخ ۽ تجزيو (ڊاڪٽر سيد نور علي شاھہ)، ‘امرڪوٽ اتهاس’ هڪ تحقيقي جائزو (ڊاڪٽر اسد جمال پلي)، عمرڪوٽ جو قلعو تاريخ جي آئيني ۾ (فقير الھورايو مھر)، ناري پٽ جون خانقاهون ۽ درگاهون (جلال ڪوري)، عمرڪوٽ ضلعي جا دراوڙ قبيلا ( پريتم پياسي)، عمرڪوٽ جي شاعرن ۽ سندن شاعريءَ جو تحقيقي جائزو (خطائي ٿيٻو)، عمرڪوٽ جا گائڪ ۽ سازندا (شفيع فقير)، عمرڪوٽ ضلعي ۾ زراعت ۽ ان سان جڙيل مسئلا (اياز ڪاڇيلو)، عمرڪوٽ تي سومرن جي صاحبي (عبدالرؤف سومرو)، ڍوري ناري جو مختصر تاريخي تعارف (مير حسن آريسر)، عمرڪوٽ جو صحافتي پسمنظر ۽ جائزو (الياس ٿري) ۽ هڪ اردو ۾ مقالو عمرڪوٽ ڪا تاريخي قلعه (مرزا ڪاظم رضا بيگ) شامل آهن، جڏهن تہ انگريزي واري حصي ۾ ڊاڪٽر ڪليم ﷲ لاشاري، گل محمد عمراڻي، حاڪم علي شاھہ بخاري، ڊاڪٽر محمد اسماعيل رند، ظھير الدين شر، علي حيدر جروار، آصف علي سانگي، انجنيئر شوڪت علي راهمون، محمد مٺل جسڪاڻي، شبنم گل ۽ غلام شبير ٻوهيو جا مقالا ڏنل آهن. ڊيمي سائيز، رنگين ڊسٽ ڪور سان هي ڪتاب ضلعي حڪومت عمرڪوٽ پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. هن ڪتاب جو سنڌي وارو حصو 197 صفحن ۽ انگريزي وارو حصو 75 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي قيمت 300 رپيا ڄاڻايل آهي.