عمر اوٺي اباڻن

عمر اوٺي اباڻن (ڪتاب): هي سوانحي خاڪن کي مشتمل ڪتاب نامياري شاعر، ليکڪ ۽ صحافي عزيز گوپانگ جو لکيل آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي والد ۽ والده کي ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ اداري پاران موهن مدهوش ۽ پنهنجي پاران مصنف جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ 50 مضمون شامل آهن، جن مان اڪثر مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آهي. مضمونن جا ڪردار سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ سماجي اڻبرابريءَ جو شڪار مظلوم ماڻهو آهن. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ادريس جتوئيءَ جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز جي رنگين ڊسٽ ڪور سان هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2013ع ۾ ڇپيو. 200 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو