عمر بن خطاب رضي الله عنه (579-644ع): مسلمانن جو ٻيو نمبر خليفه راشد. حضرت عمر، سندن نسب جو سلسلو هن ريت آهي: عمر بن خطاب بن نفيل بن عبدالعزيٰ بن رياح بن عبدالله بن قرط بن زراح بن عدي بن ڪعب بن لوي بن فهر بن مالڪ. عدي وٽ اچي سندن سلسلو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سان ملي ٿو. حضرت عمر فاروق رضه جو ڏاڏو نفيل بن عبدالعزيٰ موروثي طور تي پنهنجي قوم ۾ عالي مرتبه شخصيت جو مالڪ هو. قريش خاندان جا فيصلا خود ئي ڪندو هو. حضرت عمر فاروق رضه جو والد خطاب پڻ قريش جي چونڊ شخصيتن مان هو.
حضرت عمر فاروق رضه جي ولادت مشهور روايتن موجب هجرت نبويءَ کان چاليهه سال پهرين ٿي هئي. جوانيءَ جي شروعات ۾ ئي پاڻ معمول مطابق تعليم شروع ڪئي. ان وقت تعليم ۾ نسب جي ڄاڻ، شهسواري، سپاهه گري (فوجي تربيت)، پهلواني ۽ تقرير جو فن هو. حضرت عمر فاروق انهن ۾ ڪمال حاصل ڪيو. شاعريءَ جو شوق به عمدو رکندا هئا، عڪاظ جي ميلن ۾ به شريڪ ٿيندا هئا.
علوم ۽ فنون کان فارغ ٿي پاڻ عربن جي دستور موجب واپار کي پنهنجي معاش جو ذريعو ٺاهيائون. ان سلسلي ۾ سندن ڏورانهن مُلڪن ۽ علائقن تائين وڃڻ ٿيندو هو. ان ڪري کين وڏن وڏن ماڻهن سان ملڻ جُلڻ جو موقعو مليو. سفر جي ڪثرت سبب حضرت عمر فاروق کي خودداري، بلند حوصلو، تجربو ۽ معاملات جي ڄاڻ جهڙيون وصفون اسلام آڻڻ کان اڳ ۾ ئي حاصل ٿي چڪيون هيون. سندن بلند خوبين جي ڪري قريشن کين سفارت جو منصب سونپيو هو، جيڪو وڏو اهم منصب هو. جڏهن پاڻ سڳورن اعلان نبوت فرمايو ته حضرت عمر فاروق رضه ان وقت 27 سالن جو هو. ان جي گهراڻي مان سندس ڀيڻويو سعيد سڀني کان اڳ ۾ مسلمان ٿيو. ان کان پوءِ سندس ڀيڻ فاطمه مسلمان ٿي ۽ هڪ ٻانهي لبينه به اسلام قبولي ورتو. اها خبر جڏهن عمر فاروق کي پئي، تڏهن هي مڙس مٿير ڪاوڙجي پيو ۽ اسلام قبول ڪندڙن جو جاني دشمن ٿي پيو. عرب وارا اسلام جي وڌندڙ ترقيءَ ۽ اهلِ اسلام جي ثابت قدميءَ کان گهڻائي خوف ۾ ورتل هئا. سو انهن فيصلو ڪيو ته پيغمبر اسلام جو کڻي قصو پورو ڪجي. ان لاءِ ڪو به شخص تيار نه ٿيو، پر ڪاوڙيل عمر انهيءَ ڪم لاءِ تيار ٿي ويو. ٻئي طرف حضور نبي ڪريم صه جن الله تعاليٰ کان دعا گهري ته يا الله! اسلام کي وڌيڪ مضبوط فرماءِ عمر بن خطاب سان يا ابوجهل سان. هوڏانهن عمر فاروق پنهنجي ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ تلوار کڻي رسول الله صه جن ڏانهن نڪتو. رستي ۾ نعيم بن عبدالله مليس. عمر کي ڪاوڙيل ڏسي چيائينس ته خير ته آهي، ڪيڏانهن جو ارادو آهي؟ عمر فاروق چيو (حضرت) محمد (صلي الله عليه وسلم) جو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. نعيم چيس ته پهريائين پنهنجي گهر جي خبر ته وٺ، جو تنهنجو ڀيڻويو سعيد رضه ۽ تنهنجي ڀيڻ فاطمه ٻئي زال مڙس مسلمان ٿي ويا آهن. اهو ٻُڌي موٽيو ۽ سڌو ئي ڀيڻ جي گهر پهتو ته سندس ڀيڻ قرآن پڙهي رهي هئي. وڃڻ سان ٻنهي کي چيائين ته ٻڌو اٿم ته توهان ٻئي پنهنجي اصلي دين کان ڦري ويا آهيو. ٻنهي چيو هائو. هي پنهنجي ڀيڻويي سعيد سان وڙهڻ شروع ٿي ويو ۽ رتورت ڪري ڇڏيائينس ۽ وري ڀيڻ سان به وڙهڻ لڳو. ٻنهي چيو اي عمر! ڇا به ڪري وجهين اسان اسلام کان ڪونه ڦرنداسون. جڏهن ٿورو ٿڌو ٿيو ته چيائين، جيڪو پڙهيو اٿوَ سو ته ٻڌايو، ته انهن قرآن پڙهيو ته هن جي دل پاڻي پاڻي ٿي ويئي ۽ چيائين ته هاڻي مون کي حضور پاڪ جي خدمت ۾ وٺي هلو.
هي اهو زمانو هو، جڏهن پاڻ ڪريم صه حضرت ارقم رضه جي گهر ۾ ٻين مسلمانن سان رهندا هئا. حضرت عمر رضه اتي پهچي اسلام پاڪ سان مشرف ٿيو. حضرت عمر رضه جي اسلام قبول ڪرڻ سان مسلمانن کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ انهن الله اڪبر جا نعرا ايڏا زور سان هنيا، جو انهن جو پڙلاءُ پهاڙين تائين پهتو. مسلمان جيڪي اڳ لڪي عبادت ڪندا هئا، هاڻ سرعام ڪعبه شريف ۾ نمازون پڙهڻ لڳا. اسلام جي انهيءَ ترقي ۽ واڌاري سبب قريشن جي مسلمانن خلاف ڏمر ۽ ظلم ۾ به اضافو ٿيو ۽ انهن مسلمانن مٿان ظلمن جو دائرو وڌائي ڇڏيو. ظلم جي حد جڏهن وڌي ويئي، تڏهن مسلمانن کي هجرت جو حڪم ٿيو. سڀ ماڻهو آهستي آهستي مديني شريف وڃڻ لڳا. ڇو ته مديني جا ڪجهه معزز اڳ ۾ ئي اسلام قبول ڪري چڪا هئا ۽ حضرت محمد ڪريم صه جن کي مديني اچڻ جي دعوت ڏيئي چڪا هئا. بخاري شريف جي روايت مطابق حضرت عمر فاروق رضه ويهن ساٿين سان علي الاعلان هجرت ڪئي. قريش مان ڪنهن کي حضرت عمر سان الجهڻ جي همت نه ٿي. مديني شريف پهچڻ کان پوءِ پاڻ ڪريمن صه جن حضرت عمر فاروق رضه جي مديني جي قبيلي بنو سالم جي سردار حضرت عتبان رضه سان مواخات (ڀائپي) ڪرائي ڇڏي. مديني شريف پهچڻ کان پوءِ ڪجهه اطمينان نصيب ٿيو ته اسلام جي فرضن ۽ رڪنن ۽ انهن جي ادائيگيءَ جي طريقي مقرر ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي. تان جو نماز جي سڏڻ لاءِ آذان (ٻانگ) جو طريقو حضرت عمر فاروق رضه جي تجويز سان رائج ٿيو. حضرت عمر فاروق رضه کي حضور نبي ڪريم صه جن سان نهايت قربت حاصل هئي. پاڻ ڪريمن ڪيترائي ڀيرا کين اسلامي فوج جو سربراهه به مقرر ڪيو. مڪي شريف جي فتح جي موقعي تي مردن جي بيعت حضور پاڪ صه جن پاڻ ورتي، پر عورتن جي بيعت لاءِ حضرت عمر فاروق کي مقرر فرمايائون.
حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه کان پوءِ مسلمانن جو ٻيو نمبر خليفو حضرت عمر فاروق رضه مقرر ٿيو. پاڻ خليفي ٿيڻ سان ئي مسلمانن کي جهاد لاءِ اڀاريائون ۽ عظيم فتحن حاصل ڪرڻ لاءِ فوج تيار ڪئي. تان جو ايران جي عظيم الشان فتح سان گڏ شام، مصر، فسطاط، سڪندريه ۽ طرابلس وغيره جون فتحون حضرت عمر فاروق رضه جي دور خلافت ۾ حاصل ٿيون.
حضرت عمر فاروق رضه جي شهادت جو واقعو به دل ڏکوئيندڙ آهي. هڪ لڱان مغيره بن شعبه جا پارسي (ايراني) غلام ابو لولو ‘فيروز’ حضرت عمر عادل وٽ اچي دانهن ڏني ته منهنجو مالڪ مون کان تمام ڳرو ٽيڪس ٿو وٺي. پاڻ پڇيائون ته ڪيترو ٿو وٺي؟ هن چيو ٻه درهم هر روز. پاڻ پڇيائون ڪم ڪهڙو ٿو ڪرين؟ چيائين لوهارڪو، واچڪو ۽ نقش نگاريءَ جو. پاڻ چيائونس ته: “انهن ڌنڌن جي مقابلي ۾ اها رقم وڌيڪ ناهي.” اهو فيصلو ٻڌي هي ڪاوڙجي هليو ويو. ٻئي ڏينهن 27 ذوالحج 23هه/ 7 نومبر 644ع تي صبح جي نماز جي وقت خنجر کڻي مسجد ۾ آيو ۽ حضرت عمر رضه تي حملو ڪري سخت زخمي ڪري وڌائين. ماڻهن هن کي پڪڙيو ته هن پاڻ آپ گهات ڪري ڇڏيو. حضرت عمر فاروق کي جڏهن کڻي آيا ته پاڻ پڇيائون ته منهنجو قاتل ڪير آهي؟ ٻڌايائون ته “فيروز”. حضرت عمر فاروق فرمايو: “اَلحَمدُللهِ! منهنجو قاتل مسلمان ناهي”. زخم نهايت گَهرو هو، بچڻ جي اميد نه هئي. پاڻ پهرين محرم الحرام 24 هه/ 10 نومبر 644ع تي وصال فرمايائون. وصيت مطابق حضرت صهيب رومي رضه نماز جنازه پڙهائي ۽ حضور آقاءِ نامدار صه جن جي پاسي ۾ دفنايا ويا. سندس خلافت جي مدت ساڍا ڏهه سال هئي.
حضرت امير المؤمنين فاروق اِعظم عمر بن خطاب رضه جي لڳ ڀڳ ساڍن ڏهن سالن جي مدت خلافت ۾ ايران ۽ روم جون عظيم سلطنتون مسلمانن فتح ڪري ورتيون هيون. هندستان جي سرحد کان وٺي اتر آفريقا تائين اسلام جو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، ۽ انهن سمورين فتحن جي ڪوشش ۾ ڪٿي به اهڙو واقعو پيش نه آيو، جنهن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو عنوان ڏيئي سگهجي. بلاشڪ سڪندر، چنگيز ۽ تيمور زمانو قدمن هيٺان ڪيو، مگر ان سان گڏ انهن ظلم ۽ بربريت جا داستان به ڇڏيا. ليڪن جنهن قانون جي پابنديءَ سان حضرت امير عمر رضه جي قيادت ۾ ايران ۽ روم فتح ٿيا. انهي احتياط سان ڪو به حڪمران دنيا جو هڪ چپو به فتح نه ٿو ڪري سگهي. سندن عهد جي فتحن ۾ ناحق خون جو هڪ قطرو به ڪٿي نه وهايو ويو. سندن حڪم هو ته سرسبز فصلن، ڦلاريل باغن ۽ وڻن کي نه وڍيو وڃي، پوڙهن، ٻارن ۽ عورتن تي هرگز تلوار نه کنئين وڃي.
انهن فتحن کان سواءِ حضرت فاروقِ اعظم رضه جو هي به هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جو ان مذهبي بنيادن تي اهڙو آئينِ حڪومت ترتيب ڏنو ۽ اهڙو عادلانه نظام قائم ڪيو، جيڪو مسلمانن جي ترقي ۽ ارتقا جو ضامن هو. اسلام جو نظام شوريٰ تي آهي ۽ حضرت امير عمر رضه پنهنجي مڪمل ڪوشش سان ان کي رائج ڪيو.
حضرت فاروق اِعظم رضه جي خلافت جو دور مسلمانن جي طرز حڪومت جو بنيادي خاڪو هو. جنهن ۾ امن امان کي ترجيح ڏني ويئي، ان لاءِ پاڻ پوليس جو نظام قائم ڪيائون ۽ ڏوهارين لاءِ جيلن جو قيام عمل ۾ آندائون. محصول جي اوڳاڙي، مختلف آمدنين جو حساب ڪتاب، آبپاشيءَ جو نظام، بيت المال جي وسعت، فوج جي هڪ باقاعده صورت ۽ منظم شڪل ۽ ان جو سمورو عسڪري انتظام، تعليم جو شعبو قائم ڪرڻ ۽ ٻيون حڪومت جون گهربل بنيادي ذميواريون ۽ فرض جيڪي ٿي سگهيون ٿي، عهدِ فاروقيءَ ۾ انهن جو احساس ۽ انتظام ڪيو ويو.
قرآن مجيد ۽ حديث وسنت جي علمن جي واڌويجهه جو باقاعده اهتمام به سندن دور ۾ ڪيو ويو.
بنا شڪ جي چئي ٿو سگهجي ته حضرت عمر رضه جي خلافت جو دور اصل ۾ اسلامي طرزِ حڪومت ۽ نظامِ حيات جو صحيح معاشرتي خاڪو آهي. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا)