عمر بن عبدالعزيز هباري (55-854ع کان 84-883ع): بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز منصوره رياست ۽ هباري گهراڻي جي حڪومت جو باني ليکجي ٿو. هبارين سنڌ تي هڪ سئو ستر سال حڪومت ڪئي. هن عربن طرفان مقرر چوٽيهين گورنر هارون ابن ابي خالد کي قتل ڪري سنڌ تي آزاد حڪومت قائم ڪئي هئي. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هبار بن الاسود جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. سندس والد عبدالعزيز سنڌ جي نزاري (معزي) قبيلن جو ليڊر هو، جڏهن عربن جي ٻنهي (معز ۽ يمني) طبقن ۾ جنگ شروع ٿي، تڏهن بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز سنڌ جي گورنر کي شڪست ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ صوبي جون واڳون پاڻ سنڀاليائين. کيس خبر هئي ته عباسي خليفي کان سند وٺڻ کان سواءِ ماڻهو کيس سک جو ساهه کڻڻ نه ڏيندا، ان ڪري هن بغداد جي خليفي المتوڪل کي هڪ عريضي ڏياري موڪلي. خليفي المتوڪل عباسيءَ جي خلافت جو دور اسلامي دنيا لاءِ اڀاڳو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ دور ۾ قدرتي آفتن سبب ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جو نقصان ٿيو، ماڻهو مئا، ٻيو زيان ٿيو ۽ بغاوتن پڻ منهن ڪڍيو، جنهن سبب هو هميشه پريشان رهندو هو. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز جي اها درخواست هن لاءِ خوشيءَ جو باعث بني. هن کيس سنڌ جي حڪومت جي سند ڏياري موڪلي، جيتوڻيڪ هو عباسي خلافت طرفان نامزد ڪيل گورنر هو، پر هن عباسي خلافت جي ڪمزوريءَ مان پورو پورو فائدو حاصل ڪيو. خليفو متوڪل عباسي پنهنجي حفاظتي جٿي هٿان 246هه / 861ع ۾ قتل ٿي ويو. اهو سال سنڌ جي منصوره واري عرب رياست جي خودمختياريءَ وارو سال سمجهڻ گهرجي. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز خبردار انسان هو، ان ڪري هو عباسين جو خطبو مسجدن ۾ جاري رکندو آيو ۽ سال به سال ڏن جا پيسا مرڪزي خزاني ڏانهن سوکڙين پاکڙين سميت موڪليندو رهيو. سندس اوائلي زندگي ۽ ڪردار بابت تمام ٿورو مواد ملي سگهيو آهي. پر اها پڪي ڳالهه آهي ته هو سنڌ ۾ ڄائو، اتي ئي سندس پرورش ٿي. خيال اهو به آهي ته هو بانيه جي شهر ۾ ڄائو، جيڪو منصوره جي ڏکڻ ۾ ننڍڙو پرسڪون شهر هو. حڪومت هٿ ڪرڻ کان پوءِ به هن بانيه ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو. اهو اهڃاڻ سندس دلي محبت جي تصديق ڪري ٿو، شايد اهو ئي سبب هو جو هن منصوره جي وڏي شهر کي ڇڏي بانيه ۾ رهڻ پسند ڪيو. جڏهن هو سنڌ جو حڪمران ٿيو ته سندس سنڌ جي معزي قبيلن تي ڪافي اثر هو، جن گڏجي کيس مهندار بنايو. عربن جي ٻئي طبقي حمير (يمنين) ۾ به سندس عزت هئي، ڇاڪاڻ ته اسلام کان اڳ به قريش قبيلا ڪعبة الله جا پاڙيسري هئڻ سبب، سڄي عربستان ۾ عزت ۽ احترام جي لائق سمجهيا ويندا هئا. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز ۾ به پنهنجون لڪل صلاحيتون هيون، جنهن ڪري هن ٿوري عرصي ۾ ترقي ماڻي ورتي. جيئن ته شروع کان عربن جي ٻن طبقن ۾ هميشه کان ڪشمڪش هلندي ٿي آئي، ان ڪري هر طبقو اهو چاهيندو هو ته ٻئي کي زير ڪيو وڃي. انهيءَ خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ محنتي ۽ ذهين شخص جي ضرورت هئي، جيڪو قبيلن جي مهنداريءَ جا فرائض سرانجام ڏئي سگهي. اهڙي ضرورت بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز هباريءَ پوري ڪئي. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز مکيه عرب قبيلن کي گڏ ڪري سنڌ جي حڪومت تي ويٺو. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز انتظامي صلاحيتن ۽ اعليٰ سياسي ڳڻن وارو حڪمران هو. سندس دور ۾ ملڪ جون حدون اروڙ کان سمنڊ تائين هيون.
ابن خلدون لکي ٿو ته، خليفي المعتمد، صفارين جو بغداد تان ڌيان هٽائڻ لاءِ، انهن کي سنڌ جي حڪومت ڏني. ليڪن بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز، هن کي سنڌ ۾ مداخلت ڪرڻ کان بلڪل روڪي ڇڏيو. مختلف عرب سياحن لکيو آهي ته، 270 هه/ 883ع ۾، سنڌ جو حاڪم عبدالله بن عمر هو. گمان آهي ته هن سال ۾ عمر فوت ٿيو ۽ پوءِ هن جو پٽ عبدالله سنڌ جو حاڪم بنجي ويٺو. سنڌ جي نئين حاڪم، عباسي خليفي ڏانهن سوکڙيون موڪليون، جن ۾ ڪي سهڻا هاٿي، چانديءَ جا پتلا، مشڪ ۽ عنبر جا ڪي مڻ، ريشم جي ڪپڙي جا ٿانو ۽ اهڙا هرڻ جن جو قد ڍڳن جيڏو هو ۽ صندل جو ٺهيل هڪ تخت پڻ شامل هو.
(ڪتاب: ‘تاريخ سنڌ عرب دور’، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ/ ‘پيرائتي سنڌ ڪٿا’: ايم. ايڇ. پنهور)