عمر خيام

عمر خيام: مسلم فلسفي، رياضي دان، فلڪياتي ماهر ۽ شاعر عمر خيام 440ھہ/ 1048ع ڌاري خراسان نيشاپور ۾ ڄائو. سندس پورو نالو غياث الدين ابو الفتح عمر ولد ابراهيم الخيامي هو. شاعريءَ ۾ ‘خيام’ سندس تخلص هو. ابتدائي تعليم بو علي سينا ۽ حڪيم سنائيءَ وٽ پڙهيو. سندس پيءُ ننڍي سطع جو واپاري هو. علم هيئت جي تعليم ابوالحسن انبيريءَ کان حاصل ڪيائين. هي 20 سالن جي ڄمار ۾ نيشاپور کي ڇڏي علم جي حصول لاءِ سمرقند، بلخ ۽ بخارا ويو. سندس تربيب علمي ماحول ۾ ٿي. هن جو اباڻو شھر نيشاپور ان وقت علم ۽ ادب جو مرڪز هو، جنهن ۾ مختلف علم پڙهائيندڙ ست وڏيون علمي درسگاهون موجود هيون. امام غزالي ۽ بن صباح'>حسن بن صباح سندس همعصر هئا. هيءُ جڏهن بخارا پڙهڻ ويو، ان وقت بخارا ترڪستان جو حصو هو ۽ حڪومت جون واڳون اتان جي باشاھہ ابو الشمس ملڪ جي هٿ ۾ هيون. هن بخارا ۾ رهڻ دوران شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن جي شاهدي سندس ڪتاب ۾ ‘جبسرو مفابهً’ مان ملي ٿي. بخارا ۾ رهڻ دوران هيءُ اڪثر ڪتب خاني ۾ مصروف رهندو هو ۽ اڪثر تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول رهڻ پسند ڪندو هو. هن خوارزمي جي پيروي ڪندي ‘الجبرا’ جي علم کي ترقي ڏئي موجودہ الجبرا جو بنياد وڌو، جنهن ڪري سندس شھرت ڏورانهين هنڌن تائين پکڙي. جلال الدين ملڪ شاھہ سلجوڪي اصفهان ۾ رسدگاھہ جي تعمير جو ڪم کيس ڏنو ويو، جيڪو هن پنجن سالن ۾ تعمير ڪرايو.
عمر خيام جي شاعريءَ ۾ خاص طور شريعت کان بغاوت ڪيل آهي. سندس شاعريءَ ۾ تقوا ۽ خداپرستيءَ جي نندا ڪيل آهي. هيءُ نهايت آزاد خيال ۽ سماج شناس ڏاهو هو. اهڙي روش تان مٿس ڪافر ۽ ملحد هئڻ جا الزام لڳا جنهن ڪري گوشه نشين رهيو. هيءُ 19 سال درٻاري حڪيم رهيو. هڪ ڀيرو حج بہ ڪيائين. هيءُ پنھنجي پهرئين دؤر ۾ فن ڏانهن راغب رهيو، ٻئي دؤر ۾ علم جي ڪشش لاءِ تحقيقي ڪم ڪرايائين. جنهن ۾ ڪامياب فلسفي ۽ حڪيم ٿي رهيو ۽ مڃتا ماڻيائين. حياتيءَ جي ٽئين دؤر ۾ هن جي منصوري ڳالهين سبب شريعتي ملن مٿس الزام مڙهيا ۽ سندس اهو دؤر گوشه نشيني وارو هو. هن لاءِ تذڪرن ۾ اچي ٿو تہ هيءُ پنھنجي وفات کان ٻارنهن ڏينهن اڳ بخارا ۾ امام بخاريءَ جي مزار تي رهيو.
عمر خيام پنھنجي وقت جو عظيم فلسفي هو. هن مختلف موضوعن تي هيٺيان ڪتاب تحرير ڪيا: (1) الجبرو مقابلہ (عربي)،
(2) المربعات والمڪعبات (عربي)، (3) طريق استخراج اضلاع، (4) مصادرات اقليدس، (5) لوازم المڪنة، (6) ڪليات الوجود، (7) بالعجيبً في ڪليات الوجود، (8) ڪون و تڪليف، (9) مجموعه روضهً القلوب، (10) زيچ جلالي، (11) ميزان الحڪم، (12) نوروز نامہ (فارسي).
هن 505ھہ/ 1111ع ڌاري بخارا ۾ وفات ڪئي. هن جي مزار تي رضا شاھہ ۽ محمد شاھہ مقبرو تعمير ڪرايو. سندس اباڻي شھر نيشاپور ۾ علامتي مقبري جو خاڪو ۽ هڪ باغيچو ٺهرايو ويو آهي. سندس مزار امام زادہ ماروق جي مزار جي ڀر ۾ موجود آهي.


لفظ عمر خيامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو