عمر سڀ عشق سين

عمر سڀ عشق سين (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب لعل بخش جسڪاڻيءَ جي مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ سنڌ شناسيءَ جا ٻه جهان ‘ڏيهي عاشق’، ‘سنڌ شناسيءَ جا مهان پرڏيهي عاشق’ ۽ ‘ڪتابن تي تبصرا’ شامل آهن. ڪتاب ۾ ليکڪ سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، موسيقار عزيز بلوچ، علي ابن نقي زرياب، محمد ابراهيم جويو، حميده کهڙو، آغا سليم، ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي، ڊاڪٽر ايڇ ٽي لئمبرڪ، ڊاڪٽر ايني ميري شمل، سر بارٽل فريئر، جان جيڪب،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ خان محمد پنهور سميت ٻين جي فني خدمتن جو جائزو ورتو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ليکڪ، جڏهن ته گل محمد عمراڻي، اياز چنا ۽ ڊاڪٽر وحيد جتوئيءَ جا ليکڪ بابت رايا شامل آهن. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل نامور شاعر آڪاش انصاريءَ لکيو آهي. 366 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ماءِ پبليڪيشن سکر 2018ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو