عمر قريشي

عمر قريشي

عمر قريشي

عمر قريشي: مشهور ڪامنٽيٽر، صحافي، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر عمر قريشي 2 جون 1928ع تي ڪوهه مريءَ ۾ ڄائو. سندس تعلق تعليم يافته گهراڻي سان هو. هن جو والد ايم. اي قريشي فوج ۾ ڪرنل جي عهدي تي فائز هو. عمر قريشي شروعاتي تعليم مريءَ مان حاصل ڪرڻ بعد بمبئي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. جتي پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو به سندس هم ڪلاسي هو. تعليم حاصل ڪرڻ دوران عمر قريشي صحافت جي شروعات بمبئي مان سندس ڀاءُ پاران شايع ٿيندڙ رسالي ‘ساؤنڊ’ ۾ لکڻ سان ڪئي. ان کان علاوه مسلم ليگ جي هفتيوار رسالي ‘اسٽار’ لاءِ راندين بابت مضمون به لکندو رهيو. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا ويو. جتي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا مان 1950ع ۾ ‘پرڏيهي معاملن’ ۾ گريجوئيشن ڪيائين. تعليم حاصل ڪرڻ واري عرصي دوران ڪاليج پاران ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ٿيو، جتي جونيئر ٽيم ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي به ساڻس ڪرڪيٽ راند جون ميچون کيڏيون. ورهاڱي دوران عمر قريشي انگلستان ۾ رهيل هو. 1953ع ۾ هي اُتان ڪراچي لڏي آيو، جتي 1954ع ۾ ريڊيو سان منسلڪ ٿيو. 1955ع ۾ ڍاڪا ۾ انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ پهرين ڪرڪيٽ ميچ لاءِ ريڊيو تان پهريون ڀيرو ڪمنٽري سندس آواز ۾ نشر ڪئي وئي. ڪرڪيٽ تي تبصري لاءِ جمشيد مارڪر ۽ حامد جلال ساڻس گڏ هئا. 1960ع ۾ پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ ٽيم سان پرڏيهي دؤري تي انڊيا ويو. جتي هن آل انڊيا ريديو تان ڪمنٽري ڪئي. سندس آواز ۽ انداز سبب کيس تمام گهڻي پذيرائي ملي ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مقبوليت حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي. بي. سي) طرفان ڪمنٽري لاءِ گهرايو ويو. جتي مشهور ڪمنٽيٽر جون آرلٽ سان گڏ ڪرڪيٽ تي تبصرو ڪيائين. 1974ع ۾ انگلينڊ ۽ 1978ع ۾ نيوزي لينڊ جي دؤري تي ويندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مئنيجر مقرر ٿيو. ان کان علاوه آئي. سي. سي، (انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل) جو مئنيجر منتخب ٿيو. کيس انگريزي ٻولي تي عبور حاصل هو. ڪافي عرصو روزاني ڊان لاءِ ڪرڪيٽ بابت هفتيوار ڪالم لکندو رهيو. عمر قريشي هڪ بهترين ليکڪ به هو. سندس لکيل ڪتابن ۾: ‘Black Mood’, ‘Out to Lunch’, ‘The System’, ‘The other Side of Daylight’, ‘As time goes by’, ‘Once Upon a Time’ شامل آهن.
سندس خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران 2001ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. هي 14 مارچ 2005ع تي 77 سالن جي ڄمار ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿيو. کيس ڪراچيءَ ۾ ڊفينس سوسائٽيءَ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


لفظ عمر قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو