عمر مارئي (فلم)

عمر مارئي (فلم)

عمر مارئي فلم

عمر مارئي2 (فلم): هيءَ سنڌي فلم 12 مئي 1956ع تي رليز ڪئي وئي. هن فلم جو پيشڪار ۽ فلمساز حسين علي شاھہ فاضلاڻي ۽ هدايتڪار شيخ حسن هو. فلم جا مڪالما ۽ گانا رشيد احمد لاشاريءَ لکيا. هن فلم جا اسسٽنٽ ڊائريڪٽر يوسف ڪامدار، اسلم صهبائي، عبدالرحمان، نظير احمد ۽ خورشيد احمد هئا. جڏهن تہ فلم جي موسيقي ۽ فلم جو بئڪ گرائونڊ ميوزڪ غلام عليءَ ترتيب ڏنو. فلم عمر مارئي جا گانا، محمد ابراهيم، نظير بيگم ۽ بانو جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيا ويا. ان کان علاوہ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا ڏوهيڙا محمد ابراهيم جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيا. فلم ۾ يارنهن گانا شامل هئا. هن فلم ۾ جن اداڪارن پنھنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، انهن ۾ نواب انصاري، گل محمد هوت، غريب شاھہ سرفراز، شيخ حسن، نور محمد چارلي، ببو، اقبال، قمر آرا، لالي، رشيده، سلميٰ، ايس آئي غفار، نگهت سلطانہ ۽ حسين علي شاھہ فاضلاڻي شامل هئا. هيءَ فلم امن پڪچرز ۽ فاضلاڻي فلمز پاران پيش ڪئي وئي هئي. فلم عمر مارئي ننڊي کنڊ ۾ پهرين گولڊن جوبلي ڪندڙ سنڌي فلم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو