عمر مارئي1 (رومانوي داستان): عمر مارئيءَ جو داستان وطن جي حب ۽ محبت جو داستان آهي. سنڌ جي هڪ ڳوٺاڻي نياڻيءَ جي ست سيل ۽ سنڌ جي هڪ عادل بادشاهه جي صبر ۽ انصاف جو داستان آهي. هيءُ قصو سومرن بادشاهن جي دور (1050- 1350ع) ۾، عمر سومري بادشاهه جي عهد ۾ اُسريو. روايت آهي ته ٿر جي هڪ علائقي جي ڳوٺ ملير ۾ پالڻو نالي هڪ شخص رهندو هو. جنهن جي گهر واريءَ جو نالو ماڏوئي هو. کين پنهنجو ٻني ٻارو هو. جنهن کي ڦوڳ نالي هڪ هاري آباد ڪندو هو. پالڻي کي ماڏوئيءَ مان هڪ بيحد سهڻي ڌيءَ هئي. جنهن جو نالو مارئي هو. مارئي جڏهن جوڀن کي پهتي ۽ آفتاب حسن پنهنجا منور ۽ روشن ڪرڻا ڪڍيا ته سندس حسن جي هاڪ ملڪان ملڪ پهچي وئي. ڦوڳ جي دل اڳ ۾ مارئيءَ ڏانهن مائل هئي. ويتر مارئيءَ کي سونهن، سوڀيا ۾ سرس ڏسي پالڻي کان مارئيءَ جو سڱ گهريائين. پر هنن انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن بعد مارئيءَ جي والدين مارئيءَ جو رشتو پنهنجي هڪ عزيز کيت نالي شخص سان ڪري ڇڏيو. جڏهن ‘ڦوڳ’ کي اها خبر پئي ته مارئيءَ جو رشتو ڪنهن ٻئي سان ٿيو آهي ته هن مارئيءَ جي والدين کان پلاند وٺڻ لاءِ عمرڪوٽ وڃي عمر آڏو مارئيءَ جي سونهن جي ساراهه ڪئي. عمر، پنهنجي وقت جو بادشاهه هو، مارئيءَ جي سونهن جي ساراهه ٻڌي مٿس موهت ٿي پيو. هن سمورا بادشاهي رنگ روپ ڇڏي ويس بدلائي ڦوڳ سان گڏجي اٺ تي چڙهي ملير جي رخ ڪيو. ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي هو ملير کي ويجهو پهتا.
اڄ وانگر انهيءَ وقت ۾ به ٿر ۾ پاڻيءَ جي قلت هئي ۽ کوهه اونها هئا، جن مان پاڻي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو هو. تنهنڪري ٿر ڄايون اسر جو اٿي کوهه تي پاڻي ڀرڻ وينديون هيون. مارئي به پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ سان روزانو کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي، پر ان ڏينهن ننڊ اچي ويس. جنهن ڪري دير سان کوهه تي پهتي. ٻيون گهڻيون ئي کوهه تان پاڻي ڀري ويون هيون. باقي سندس هڪ ساهيڙي وڃي بچي هئي.
عمر ۽ ڦوڳ واٽهڙو ٿي اچي اتان لنگهيا، ڦوڳ عمر کي ڪن ۾ سس پُس ڪندي چيو ته اها ئي مارئي اٿئي. عمر مارئيءَ جو لاثاني حسن پسي حيران ٿي ويو ۽ مٿس مارئيءَ جي نينهن جا نوان نشا چڙهي ويا. پوءِ اٺ کي مارئيءَ جي ويجهو آڻيندي مارئي کان پاڻي ڍڪ گهريائين. مارئي مسافر ۽ اڃايل محسوس ڪندي کيس دلي مان پاڻي پيئارڻ لڳي ته عمر کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي اٺ تي ويهاري اغوا ڪري عمرڪوٽ جو رخ ڪيو ۽ عمرڪوٽ پهچي کيس قيد ڪيو. مارئي کي قيد ۾ بند ڪرڻ دوران ڪيتريون ئي لالچون ڏنيون. نوان ڪپڙا ۽ سونا زيور آڻي ڏنا. پر مارئي سندس هڪ به آڇ قبول نه ڪئي ۽ روئندي عمر کي ايلاز ڪندي هئي ته مونکي پنهنجي ملڪ پڄاءِ، عمر مٿس ڪيترائي ڏينهن ظلم پڻ ڪندو رهيو، پر مارئي جو حوصلو پوءِ به پست نه ٿيو ۽ کيس چوندي رهي ته مان توکي پنهنجو ور ڪڏهن به قبول نه ڪنديس. منهنجو وَر اهو ئي آهي، جيڪو منهنجي مارن مونکي ڏنو آهي. مارئي عمر جي ڪوٽن ۾ قيد هجڻ دوران کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. عمر کيس ڪيترائي آسرا ڏيندو رهيو ته شادي ڪر ته پٽ راڻي بڻائيندو سانءِ. پر هوءَ پنهنجا پکا ۽ پنهوار ياد ڪري هنجون هاريندي رهي. عمر روز رات جو وٽس ايندو هو، پر مارئيءَ پکن جي پريت ماڙين سان مور نه مٽي. هڪ پاسي عمر جون آزيون ته ٻئي پاسي ماروئڙن جي بي پرواهي، سو پئي ويچاري سور سٺا ويتر کاڌي کائڻ کان نابري وارڻ سبب سندس حالت نازڪ ٿي وئي.
عمر، مارئيءَ جي حالت خراب ڏسندي نيٺ هار مڃائين ۽ سندس والدين ڏانهن نياپو ڪيائين ته اچي مارئيءَ کي وٺي وڃو. مارئيءَ جا مائٽ نياپي بعد سوکڙي پاکڙيون کڻي اچي عمرڪوٽ پهتا. عمر سان ملاقات ڪيائيون. عمر، مارئيءَ کي مٿي تي لوئي پارائي کيس پنهنجي والدين سان موڪلي ڇڏيو.