عمر نانگي پير جو مقبرو
عمر نانگي پير جو مقبرو: عمر نانگو 18هين صديءَ جو نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. هيءُ مقبرو ڳوٺ مير حسن ڪٽوهڙ، ديهه ٽمونهون، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ 270 30’ 20’’ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 680 50’ 45’’ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. هن مقبري جي ڏکڻ ۾ 100 ميٽرن تي آباد شاخ، جڏهن ته ڳوٺ ارباب ڪٽوهر اولهه ۾ اٽڪل 700 ميٽرن تي ۽ ڪنڌرا شهر اتر اولهه ڪنڊ تي ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هيءُ مقبرو 6 ميٽر ويڪرو، 6 ميٽر ڊگهو ۽ 7 ميٽر اوچو آهي. مقبري جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گچ گارو ۽ چُن استعمال ٿيل آهن. مقبري کي دروازو ڏکڻ ۾ ڏنل آهي، جنهن جون ونگون نوڪدار آهن. مهاڙيءَ ۾ دروازي جي مٿان مستطيل پانيل ٺهيل آهي، جڏهن ته دروازي جي پاسن کان ٻه ٻه پانيل ٺهيل آهن. مقبري کي باقي ٽن پاسن کان مستطيل پانيل ٺهيل آهن. مقبري جي ڇت تي گول گنبذ ڳچ تي ٺهيل آهي، جيڪو بصر جي نموني تي آهي. مقبري جي گنبذ مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو گل ۽ ان جي مٿان ڪلسي جا نشان ملن ٿا، جو ڪلسو ٽٽي پيو آهي. مقبرو ونگن وارن پانيلن ۽ مستطيل پانلين ۽ جوڙ ڪنڊن سان سجايل آهي. مقبري کي ڪل چار لنگهه آهن. پر ٽي لنگهه بند ڪيل آهن. صرف ڏاکڻون 3 لنگهه کليل آهي. اندران چار جوڙ- ڪنڊون (squenches) نڪرن ٿيون، جيڪي مٿي وڃي گنبذ ٺاهين ٿيون. گنبذ ۾ چار هواوان چئن طرفن کان ڏنا ويا آهن. اندر سارو چن جو پلستر ٿيل آهي، جيڪو هن وقت هيءُ اکڙي ويو آهي. سم ۽ ڪلر جي وڪوڙجڻ جي ڪري مقبري جي حالت خسته آهي. مقبرو ميرن جي دور ۾ 19 صديءَ جو ٺهيل آهي.