عمر پلي نارائي حافظ

عمر پلي نارائي، حافظ: حافظ عمر پلي، ڪلهوڙا دؤر جو نامور عالم ٿي گذريو آهي. هن مغلن جي دؤر ۾ 1703ع ڌاري حافظ عثمان پليءَ جي گهر ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس والد، حافظ قرآن ۽ ديندار انسان هو. حافظ عمر، نامور بزرگ هوٿي مشائخ جي پٽ مخدوم احمد جي اولاد کان قرآن مجيد ۽ حديث جي تعليم حاصل ڪئي. سندس تعلق عمرڪوٽ جي ناري پٽ واري علائقي سان هجڻ سبب کيس ‘نارائي’ سڏيو ويندو هو. پاڻ پرهيزگار ۽ سادگي پسند هوندو هو. سندس گذر سفر جو ذريعو مال هو. مالوند هجڻ سبب وسڪاري جي مند ۾ جتي گاهه ٿيندو هو اتي مال ڪاهي ويندو هو. هن سانگي ٿر ڏانهن به ڪيترائي ڀيرا لڏپلاڻ ڪيائين. ان دؤر ۾ ٿر جي علائقي ۾ تعليم جي تمام گهڻي کوٽ هوندي هئي. هن ٿر جي مختلف ڳوٺن جهڙوڪ: ولي جوڙ، ڄامن جوڙ، ڊاڀو، لوڻيو ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ مڪتب قائم ڪري ماڻهن کي قرآن مجيد ۽ حديث جي تعليم ڏني. هي هميشه ماڻهن کي چڱن ڪمن لاءِ تلقين ڪندو ۽ براين کان روڪيندو هو. هن 1176هه/ 1762ع ڌاري وفات ڪئي. سندس اولاد ضلعي عمرڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي، جيڪي سندس نسبت سان عمراڻي پلي سڏجن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو