عملي صحافت

عملي صحافت

عملي صحافت

عملي صحافت (ڪتاب): عملي صحافت سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو صحافتي ٽيڪنڪ ۽ اصولن تي ٻڌل آهي. هي ڪتاب سنڌ جي برک صحافي ۽ اديب شيخ عزيز جو لکيل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1975ع ۾ ٻيو 1978ع ۽ ٽيون 1995ع ۾ شايع ٿيو. پهرئين ۽ ٻئي ڇاپي ۾ 30 مضمون صحافتي ٽيڪنڪ تي ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٽئين ڇاپي ۾ ست نوان مضمون شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب ۾ خبر کان وٺي ايڊيٽنگ، گهاڙيٽو، رپورٽنگ، ايڊيٽوريل، تصوير، لي آئوٽ، اشتهار، اليڪٽرانڪ جرنلزم ۽ صحافت جي تاريخ متعلق تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب کي سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ڪورس ۾ پڙهايو ويندو آهي. 320 صفحن تي ٻڌل ڪتاب جو مُلهه ڏيڍ سئو رپيا آهي، جيڪو باک پبليڪيشن شايع ڪرايو آهي.


لفظ عملي صحافتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو