عناب
عناب (Zizyphus Jujube): هن جو وڻ ٻير جهڙو ٿئي ٿو. هن جا پن ٻير جي پنن کان ٿورا وڏا ۽ ڊگها ٿين ٿا. هن جي ٿڙ جي کل ڳاڙهي روءِ ٿئي ٿي. هن جو ڦر ٻير جيترو ٿئي ٿو. هن ڦر کي عناب چئجي ٿو. هي دوائن ۾ ڪم اچي ٿو. حڪيمن موجب نڙي جي سور، ارڙي، ماتا، نزلي، زڪام ۽ کنگهه ۾ مفيد آهي. هن جو وڻ آزاد ڪشمير، خيبر پختونخوا، چترال، سوات، راولپنڊي ۽ بلوچستان ۾ ٿئي ٿو.