عنايت الله عباسي

الله عباسي'>عنايت الله عباسي: پهريون سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺاهيندڙ، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ ليکڪ الله عباسي'>عنايت الله عباسي، گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. سندس جنم 4 فيبروري 1927ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول مان 1935ع ڌاري پرائمري پاس ڪئي، نور محمد هاءِ اسڪول مان سيڪنڊري جا درجا پاس ڪري 1946ع ۾ سينئر ڪيمبرج جو امتحان ڪراچيءَ مان پاس ڪيو.
ورهاڱي بعد سندس والد حڪيم عبدالڪريم عباسيءَ حيدرآباد جي مارڪيٽ واري علائقي ۾ هڪ دڪان خريد ڪري کيس ميڊيڪل اسٽور کولي ڏنو. نيشنل گارڊز ۾ رضاڪار جي حيثيت ۾ هن مهاجرن جي آبادڪاريءَ ۽ ٻين سماجي سرگرمين ۾ بهرو ورتو. هو ان دوران سوشل اسڪائوٽنگ ڪائونسل جو سيڪريٽري به رهيو. 1948ع کان 1950ع تائين پاڻ سنڌي ادبي ۽ تفريحي رسالي ’فنڪار‘ جو چيف ايڊيٽر رهيو. هن سنڌ ڊرامئٽڪ سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان ناٽڪ به پيش ڪيا. ان دوران ڪجهه عرصو منروا ڪيمبرج ڪاليج ۽ پوءِ امپائر ڪاليج آف ڪامرس ۾ تعليم پڻ ورتي. 1951ع ۾ تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي قائم ان امپائر ڪاليج آف ڪامرس کي خريد ڪري پاڻ ان جو پرنسپال ٿيو ۽ اتي ٽائپنگ، شارٽ هينڊ، اڪائونٽنسي ۽ ميوزڪ جا ڪورس شروع ڪيائين.
عنايت الله عباسي موسيقيءَ جو ماهر پڻ هو. سندس ڀاءُ نصرالله عباسي پڻ ان شعبي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هي ميوزڪ لوَرس ڪلب جا سرگرم ميمبر هئا. قومي گيتن: ‘سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان’ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي نظم ‘جئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ’ جون شروعاتي ڌنون به هنن ڀائرن تيار ڪيون. پاڻ هڪ ئي وقت طبله نواز، ڍولڪ نواز، بينجو ماسٽر، هارمونيم وڄائيندڙ، بانسري نواز ۽ ستار نواز پڻ هو. ان وقت جا بهترين موسيقار جهڙوڪ: ماسٽر غلام حسين شيخ، ماسٽر غلام علي شيخ، ماسٽر فيروز گل شيخ، ماسٽر امداد حسين شيخ ۽ ماسٽر عبداللطيف سندس صحبتي هئا.
عنايت الله عباسي ڪيترا ڀيرا ‘لطيف اوارڊ’ ۽ ‘شهباز اوارڊ’ جي ججن واري پئنل تي به رهيو. پاڻ مهراڻ آرٽس اڪيڊميءَ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. سندس شمار حيدرآباد جي معزز شخصيتن ۾ ٿيندو هو. سندس دوستن جي حلقي ۾ ڪيترا اديب، عالم ۽ موسيقار شامل هئا.
عباسي صاحب جو مکيه ڪارنامو سنڌيءَ ۾ ٽائپ رائيٽر جو ڪي بورڊ ايجاد ڪرڻ آهي. 1974ع ڌاري سيد غلام مصطفى شاهه جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو تڏهن عنايت الله عباسيءَ اهو ڪم سرانجام ڏنو، جنهن بعد سنڌ جي ميونسپل ۽ ٻين کاتن ۾ سرڪاري لکپڙهه ان سنڌي ٽائيپ رائيٽر تي ٿيڻ لڳي. ان بعد هن محمد ابراهيم جويي جي معاونت سان هريپور هزاره ۾ ‘ٽيليفون انڊسٽري آف پاڪستان’ ۾ ٻه ٽي مهينا مسلسل محنت ڪري پورٽيبل سائز جو ٽائيپ رائيٽر (سنڌو) ۽ اسٽينڊرڊ سائز ۾ ’المصطفى‘ ٽائيپ رائيٽر تيار ڪرايو. ان بعد سنڌي ٽائپنگ توڙي شارٽ هينڊ جا ڪتاب پڻ ترتيب ڏيئي ڇپايا. الله عباسي'>عنايت الله عباسي ٻارن لاءِ ننڍا ڪتاب: حليمان پوپري، لالچي عيدو وغيره پڻ لکيا. هن شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي. پاڻ ڪيترا ساز: هارميونيم، ستار، طبلو، ڍولڪ، بينجو ۽ ڪي بورڊ وغيره وڄائي ڄاڻيندو هو. سٺو سماج سڌارڪ پڻ هو. پنهنجي علائقي ‘واڍن جي پڙ’ حيدرآباد ۾ سوشل ويلفيئر سوسائٽيءَ تحت نوجوانن جي اصلاح، تربيت ۽ تفريح لاءِ گهڻو سرگرم رهندو هو. عنايت الله عباسيءَ 13 سيپٽمبر 2005ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪئي. سندس چار پٽ ۽ ٽي نياڻيون اڄ عملي زندگيءَ ۾ سٺي مقام تي آهن.


لفظ عنايت الله عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.02.04  عيسوي

پهريون سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺاهيندڙ، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ ليکڪ عنايت الله عباسي، گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. سندس جنم 4 فيبروري 1927ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.


2005.09.13  عيسوي

عنايت الله عباسيءَ 13 سيپٽمبر 2005ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجا رفيق پنهور
شوڪت عزيز
الهه بخش سگهڙ2
پير پٺو
ڄيٺملاڻي رام
ادا قاضي
جمعو شيدي 1
پنهور مولوي محمد علي
شاهنواز ڀٽي
عبدالحسين جعفري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون