عنايت الله مرزا: مرزا عيسيٰ ثانيءَ جو وڏو پٽ مرزا عنايت الله پيءُ سان گڏ مختلف سرڪاري عهدن تي رهيو. پيءُ جي زماني ۾ سورٺ (جهوناڳڙهه جي جاگير) جو فوجدار رهيو ۽ جڏهن مرزا عيسيٰ ثاني 1052هه/1642ع ۾ احمد پور روانو ٿيو. تڏهن پنهنجي والد جي جاءِ تي سورٺ جو صوبه دار مقرر ڪيو ويو. ’بادشاهه نامه‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته ’شاهجهان‘ 1047هه/1637ع کان اڳ کيس ’هشت صدي چار صد سوار‘ يعني اٺ سئو پيادل ۽ چار سئو گهوڙي سوارن جو منصب ڏنو ۽ جڏهن 1052هه/1642ع ۾ کيس سورٺ جي صوبيداري ملي، تڏهن سندس منصب وڌائي ’دوهزاري و هزار و پانصد سوار‘ يعني ٻه هزار جي منصب سان هڪ هزار پيادل ۽ پنج سئو گهوڙيسوار لشڪر سپرد ڪيو ويو، ان کانپوءِ 1054هه/1644ع ۾ بادشاهه کيس علم عنايت ڪيو. جنهن ڪري سندس عزت ۽ طاقت ۾ گهڻو اضافو ٿيو. مرزا عيسيٰ ثاني 29 ذوالحج 1054هه/16 فيبروري 1645ع تي گجرات جي صوبيداريءَ تان موٽي سورٺ آيو. تڏهن مرزا عنايت الله سورٺ جي صوبيداريءَ تان دستبردار ٿي اهو منصب پيءُ جي حوالي ڪيو. مرزا عنايت 1058هه/1648ع ۾ سورٺ ۾ وفات ڪئي. کيس اتان کڻائي مڪليءَ جي قبرستان ۾ والد جي ٺهرايل راندڪ ۾ دفن ڪيو ويو.