عنايت الله چوڍو فقير

عنايت الله چوڍو، فقير: ڪلهوڙن جي دؤر جو صوفي درويش ۽ شاعر عنايت الله چوڍو ولد پير محمد، پير ڳوٺ، ضلعي سکر جو رهاڪو هو. هيءُ شاهه لطيف ڀٽائيءَ جو معتقد هو ۽ هن کيس روحاني رهبر ڪري مڃيو آهي. عنايت الله جو ڪلام مداحن، مناجاتن ۽ بيتن تي مشتمل آهي. نامور محقق ڪمال ڄامڙو پنهنجي تحقيقي مضمون ‘سنڌي ڪلهوڙا دؤر’ ۾ ڄاڻايو آهي ته “هن نالي سان ٻه شاعر ٿي گذريا آهن. هڪ ڪلهوڙا دؤر ۾، ٻيو انگريز دؤر ۾، جنهن 1318هه/1900ع ۾ وفات ڪئي.” فقير عنايت الله چوڍي پهرئين جي ڪلام جو مجموعو پير جي ڳوٺ جي سندس هڪ معتقد حيات خان پٺاڻ نسوار وڪڻندڙ ترتيب ڏئي 1893ع ۾ شڪارپور جي هريسنگ ڪتب فروش وٽان ليٿو ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو