عنايت شاھہ: عنايت شاھہ ذات جو ٽڳڙ هو. پاڻ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو وفادار ۽ معتقد هو. پاڻ عنايت شاھہ ڏندو جي نالي سانمشهور هو. هيءُ فقير صلاحڪار ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جو اهم ڪارڪن هو. مغلن خلاف جدوجھد ۾ هن ڪيترائي اهم ۽ ڪارائتا ڪارناما ڪيا. جنهن ڪري ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي گرفتاري کان وٺي گواليار جي قيدخاني واري سڄي عرصي تائين عنايت شاھہ پنھنجي ذهانت سان ميان وال تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ تحريڪ آزادي جي جدوجھد کي برصغير ۾ مغل شاهيءَ جي مداخلت خلاف هلندڙ ٻين تحريڪن سان رابطو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ان ڪري ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي عالمگيري قيدخاني مان فرار ٿيڻ ۾ آساني پيدا ٿي. دهليءَ کان ڳاڙهي (سنڌ) تائين مغلن جا سڀ نواب ميان صاحب کي وري گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا ۽ ميان نصير محمد جيسلمير ۽ ديري غازي خان کان ٿيندو، خيريت سان پنھنجي ماڳن تي پهچي ويو. ميان صاحب فرار ٿيڻ کانپوءِ رستي ۾ هڪ وڏي درياءَ کي عنايت شاھہ جي مدد سان سان عبور ڪيو. تحريڪ جي مصروفيتن سبب پاڻ زندگيءَ جو وڏو حصو شاديءَ کان سواءِ گذاريائين. ميان صاحب جڏهن ڳاڙهي ۾ پنھنجي انقلابي عبوري حڪومت قائم ڪئي تہ هن نئين گاج ۽ گاجي شاھہ کان وٺي سڄي علائقي جو انتظام عنايت شاھہ جي حوالي ڪيو. جتي هن پنھنجي انتظامي مهارت جو وڏو ثبوت ڏنو. علائقي جي زمين کي سرسبز بڻائڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا ٺاهيائين. هن نئين گاج تي بند تعمير ڪرايو ۽ ان ۾ گڏ ٿيل پاڻيءَ کي آباديءَ لاءِ استعمال ڪرڻ لڳو. ان کانسواءِ نئين گاج کان هڪ واھہ کوٽائي (جنهن کي کاري سڏبو آهي) تحريڪ جي مرڪزي شھر ڳاڙهي تائين پاڻي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو. جنهنڪري عوام جي زندگيءَ جو معيار وڌي ويو. هن فوجي فقير سان گڏجي بکر جي حاڪم يعقوب خان سان جنگ ڪئي ۽ ان کي شڪست ڏني. اهڙيءَ طرح هن بھادر جنرل مغلن جي نوابن، منصبدارن، ڪوٽوالن ۽ زميندارن سان ڪيترين ئي لڙاين ۾ سوڀ حاصل ڪئي. ميان نصير محمد عنايت شاھہ ذريعي سيوهڻ سرڪار جو لاکاٽ وارو پرڳڻو ٺيڪي تي کنيو، جنهن ڪري تحريڪ جي مادي ۽ معاشي وسيلن ۾ اضافو ٿيو، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي زندگيءَ ۾ ئي هن سياسي بصيرت رکندڙ جنگي حڪمت عمليءَ جي ماهر، اقتصاديات جي ڄاڻو قومي ڪارڪن وفات ڪئي. کيس سندس ڳوٺ بيگي ديري ۾ دفنايو ويو. جيڪو قبرستان پوءِ سندس نالي سان مشھور ٿيو. ٻٻر قبيلي جا ماڻهو سندس عقيدتمند آهن. جنهن ڪري اهي اڪثر ڪري پاڻ کي هتي دفن ڪرائيندا آهن. هن قبرستان ۾ ڪلهوڙا دور جون مشھور شخصيتون بلاول نائچ، فتح محمد عرف فتوئل شاھہ ڇڄڙو مدفون آهن. ان کانسواءِ ويجهڙائيءَ جي دور جون بہ مشھور شخصيتون، مولانا حڪيم عزيز ﷲ ٻٻر ۽ محمد سليمان ٻٻر پڻ قبرستان ۾ مدفون آهن.