ﷲ عباسي'>عنايت ﷲ عباسي: پهريون سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺاهيندڙ، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ ليکڪ ﷲ عباسي'>عنايت ﷲ عباسي، گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. سندس جنم 4 فيبروري 1927ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول مان 1935ع ڌاري پرائمري پاس ڪئي، نور محمد هاءِ اسڪول مان سيڪنڊري جا درجا پاس ڪري 1946ع ۾ سينئر ڪيمبرج جو امتحان ڪراچيءَ مان پاس ڪيو.
ورهاڱي بعد سندس والد حڪيم عبدالڪريم عباسيءَ حيدرآباد جي مارڪيٽ واري علائقي ۾ هڪ دڪان خريد ڪري کيس ميڊيڪل اسٽور کولي ڏنو. نيشنل گارڊز ۾ رضاڪار جي حيثيت ۾ هن مهاجرن جي آبادڪاريءَ ۽ ٻين سماجي سرگرمين ۾ بھرو ورتو. هو ان دوران سوشل اسڪائوٽنگ ڪائونسل جو سيڪريٽري بہ رهيو. 1948ع کان 1950ع تائين پاڻ سنڌي ادبي ۽ تفريحي رسالي ’فنڪار‘ جو چيف ايڊيٽر رهيو. هن سنڌ ڊرامئٽڪ سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان ناٽڪ بہ پيش ڪيا. ان دوران ڪجهہ عرصو منروا ڪيمبرج ڪاليج ۽ پوءِ امپائر ڪاليج آف ڪامرس ۾ تعليم پڻ ورتي. 1951ع ۾ تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي قائم ان امپائر ڪاليج آف ڪامرس کي خريد ڪري پاڻ ان جو پرنسپال ٿيو ۽ اتي ٽائپنگ، شارٽ هينڊ، اڪائونٽنسي ۽ ميوزڪ جا ڪورس شروع ڪيائين.
عنايت ﷲ عباسي موسيقيءَ جو ماهر پڻ هو. سندس ڀاءُ نصرالله عباسي پڻ ان شعبي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هي ميوزڪ لوَرس ڪلب جا سرگرم ميمبر هئا. قومي گيتن: ‘سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان’ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي نظم ‘جئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ’ جون شروعاتي ڌنون بہ هنن ڀائرن تيار ڪيون. پاڻ هڪ ئي وقت طبله نواز، ڍولڪ نواز، بينجو ماسٽر، هارمونيم وڄائيندڙ، بانسري نواز ۽ ستار نواز پڻ هو. ان وقت جا بھترين موسيقار جھڙوڪ: ماسٽر غلام حسين شيخ، ماسٽر غلام علي شيخ، ماسٽر فيروز گل شيخ، ماسٽر امداد حسين شيخ ۽ ماسٽر عبداللطيف سندس صحبتي هئا.
عنايت ﷲ عباسي ڪيترا ڀيرا ‘لطيف اوارڊ’ ۽ ‘شھباز اوارڊ’ جي ججن واري پئنل تي بہ رهيو. پاڻ مهراڻ آرٽس اڪيڊميءَ جو جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. سندس شمار حيدرآباد جي معزز شخصيتن ۾ ٿيندو هو. سندس دوستن جي حلقي ۾ ڪيترا اديب، عالم ۽ موسيقار شامل هئا.
عباسي صاحب جو مکيہ ڪارنامو سنڌيءَ ۾ ٽائپ رائيٽر جو ڪي بورڊ ايجاد ڪرڻ آهي. 1974ع ڌاري سيد غلام مصطفى شاھہ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو تڏهن عنايت ﷲ عباسيءَ اهو ڪم سرانجام ڏنو، جنهن بعد سنڌ جي ميونسپل ۽ ٻين کاتن ۾ سرڪاري لکپڙھہ ان سنڌي ٽائيپ رائيٽر تي ٿيڻ لڳي. ان بعد هن محمد ابراهيم جويي جي معاونت سان هريپور هزاره ۾ ‘ٽيليفون انڊسٽري آف پاڪستان’ ۾ ٻہ ٽي مهينا مسلسل محنت ڪري پورٽيبل سائز جو ٽائيپ رائيٽر (سنڌو) ۽ اسٽينڊرڊ سائز ۾ ’المصطفى‘ ٽائيپ رائيٽر تيار ڪرايو. ان بعد سنڌي ٽائپنگ توڙي شارٽ هينڊ جا ڪتاب پڻ ترتيب ڏيئي ڇپايا. ﷲ عباسي'>عنايت ﷲ عباسي ٻارن لاءِ ننڍا ڪتاب: حليمان پوپري، لالچي عيدو وغيرہ پڻ لکيا. هن شاعريءَ ۾ بہ طبع آزمائي ڪئي. پاڻ ڪيترا ساز: هارميونيم، ستار، طبلو، ڍولڪ، بينجو ۽ ڪي بورڊ وغيرہ وڄائي ڄاڻيندو هو. سٺو سماج سڌارڪ پڻ هو. پنھنجي علائقي ‘واڍن جي پڙ’ حيدرآباد ۾ سوشل ويلفيئر سوسائٽيءَ تحت نوجوانن جي اصلاح، تربيت ۽ تفريح لاءِ گهڻو سرگرم رهندو هو. عنايت ﷲ عباسيءَ 13 سيپٽمبر 2005ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪئي. سندس چار پٽ ۽ ٽي نياڻيون اڄ عملي زندگيءَ ۾ سٺي مقام تي آهن.
1927.02.04 عيسوي
پهريون سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺاهيندڙ، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ ليکڪ عنايت الله عباسي، گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. سندس جنم 4 فيبروري 1927ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.
2005.09.13 عيسوي
عنايت الله عباسيءَ 13 سيپٽمبر 2005ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪئي.