عنايت ﷲ چوڍو، فقير: ڪلهوڙن جي دؤر جو صوفي درويش ۽ شاعر عنايت ﷲ چوڍو ولد پير محمد، پير ڳوٺ، ضلعي سکر جو رهاڪو هو. هيءُ شاھہ لطيف ڀٽائيءَ جو معتقد هو ۽ هن کيس روحاني رهبر ڪري مڃيو آهي. عنايت ﷲ جو ڪلام مداحن، مناجاتن ۽ بيتن تي مشتمل آهي. نامور محقق ڪمال ڄامڙو پنھنجي تحقيقي مضمون ‘سنڌي ڪلهوڙا دؤر’ ۾ ڄاڻايو آهي تہ “هن نالي سان ٻہ شاعر ٿي گذريا آهن. هڪ ڪلهوڙا دؤر ۾، ٻيو انگريز دؤر ۾، جنهن 1318ھہ/1900ع ۾ وفات ڪئي.” فقير عنايت ﷲ چوڍي پهرئين جي ڪلام جو مجموعو پير جي ڳوٺ جي سندس هڪ معتقد حيات خان پٺاڻ نسوار وڪڻندڙ ترتيب ڏئي 1893ع ۾ شڪارپور جي هريسنگ ڪتب فروش وٽان ليٿو ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.