عنبر
عنبر (Ambergris): عنبر جيتوڻيڪ ڪيترن زمانن کان وٺي استعمال ٿيندو رهيو آهي پر تنهن هوندي به اها دنيا جي هڪ پر اسرار قدرتي خوشبودار شيءِ رهندي آئي آهي. اهو اسپرم ويل (Sperm whale) پيدا ڪن ٿيون. 1.75 ملين سال اڳ جي پنڊپهڻ ٿيل عنبر مان ڄاڻ پوي ٿي ته انسان ان جو 1000 سالن کان به وڌيڪ عرصي کان وٺي استعمال ڪندو رهيو آهي جنهن کي ‘سمنڊ جي خزاني’ ۽ ‘ترندڙ سون’ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي.
عنبر ڪيئن ٿو پيدا ٿئي يا ڪٿان ٿو اچي ان لاءِ ڪيترا خيال پيش ٿيندا رهيا آهن. ڪن هنڌن تي اهو به ٻڌايو ويندو آهي ته عنبر سامونڊي گج جي نهري حالت آهي يا وڏن پکين جون وٺيون آهن.
1800ع جي ڏهاڪي دوران جڏهن ويل جانورن جو وڏي پئماني تي شڪار شروع ٿيو تڏهن خبر پيئي ته عنبر اسپرم ويل نالي سامونڊي جانور پيدا ڪن ٿا، جيڪي اسڪوئڊس (squids) ۽ مئيو (cuttlefish) ٿوڪ جي حساب سان کائين ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي انهن جا هضم ٿي نه سگهندڙ حصا ٻاهر اوڳاڇي ڇڏين ٿا. جيڪي ورلي حالتن ۾، ويل جانور جي آنڊن ۾ وڃي ٻجهي پون ٿا ۽ آهستي آهستي ڪيترن سالن دوران عنبر جهڙي نهري مادي ۾ مٽجي وڃن ٿا. اهو به سمجهيو وڃي ٿو ته عنبر، ويل جانور جي اندرين عضون کي اسڪوئڊس جي تيز ۽ تکين چهنبن کان بچائي ٿو. ان ڳالهه تي بحث هلندو رهي ٿو ته ويل مان عنبر ڪيئن خارج ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ ڪن جو خيال آهي ته ويل مڇ اهو ڍير جي صورت ۾ اوڪاري ڇڏي ٿو، جنهن سبب ان کي ‘ويل جي قي’ (whale vomit) جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو.
جڏهن ته ڪن جو خيال آهي ته عنبر، ويل جي آنڊن ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ ڪرفٽي رستي ٻاهر خارج ٿي وڃي ٿو. ڪي وري ان خيال جا آهن ته ويل اهڙو ڳوڙهو ٻاهر خارج ڪري ڇڏي ٿو ته ڪن جو چوڻ آهي ته اهڙو ڳوڙهو ايترو ته وڌي وڏو ٿي وڃي ٿو، جو ان سبب ويل جي مقعد کي خطرناڪ طريقي سان ڦاڙي وجهي ٿو. جيئن ته اسپرم ويل سڄيءَ دنيا جي سمنڊن ۾ ٿين ٿيون تنهنڪري سمجهيو وڃي ٿو ته عنبر به، دنيا جي ڪيترن سمنڊن ۾ يا سامونڊي ڪنارن سان ترندي نظر ايندو هوندو. جڏهن ته ايئن نه ٿو ٿئي، جو اهو ويل جانورن جي 5 سيڪڙي کان به گهٽ ڍونڍن ۾ موجود هجي ٿو. اهو به ڀانيو وڃي ٿو پگمي (pygmy) ۽ ڊوارف (dwarf) اسپرم ويل به ساڳي قسم جو مادو پيدا ته ڪن ٿيون، پر گهڻي گھٽ مقدار ۾، جن جو کاڌو پڻ گھڻي ڀاڱي اسڪوئڊس ۽ مئي تي ٻڌل ٿئي ٿو.
عنبر جي هڪ وڏي سڃاڻپ ان جي بوءِ ٿئي ٿي. اهو جڏهن ويل مان خارج ٿئي ٿو ته منجهس ڪرفٽي جهڙي سخت بوءِ ٿئي ٿي، پر چيو وڃي ٿو ته جڏهن اهڙو مادو خشڪ ٿي وڃي ٿو ته وڌيڪ وڻندڙ ۽ مشڪ جهڙو ٿي پوي ٿو. عنبر مان عنبرين (ambrein) نالي بي بوءِ الڪوهل حاصل ڪري خوشبوءِ سان ملائي ان جي سرهاڻ کي پائدار بڻايو وڃي ٿو.
ڪيترن سوين سالن کان عطار، عنبر جي ان جي رنگ آهر درجيبندي ڪندا ۽ اعليٰ قسم جا عطر ان جي نج سفيد قسمن مان تيار ڪندا رهيا آهن. جڏهن ته ڪارو عنبر گھٽ ۾ گھٽ قيمتي سمجهيو وڃي ٿو، جو منجهس گھٽ ۾ گھٽ عنبرين ٿئي ٿي. عنبر جو رنگ آڪسيجڻ (oxidation) سبب مٽجي وڃي ٿو ۽ ايئن تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن عنبر، سمنڊ ۽ هوا ۾ هڪ ڊگهي عرصي لاءِ وائکو ٿئي ٿو. ڪاري ۽ سفيد رنگ هجڻ کانسواءِ ان جو رنگ خاڪي ۽ ناسي به ٿئي ٿو.
اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته عنبر هٿ اچڻ کان اڳ ۾ ڪيترن سالن تائين سمنڊ تي ترندو رهيو هجي. اهو به سمجهيو وڃي ٿو ته اهو جيترو وڌيڪ وقت ترندو رهندو اوترو ان جو معيار وڌندو ويندو.
عنبرين جي دستيابيءَ ۽ مهانگائيءَ سبب ان بجاءِ مهانگن عطرن ۾ هاڻ مصنوعي ڪيميائي مادا استعمال ڪيا وڃن ٿا. عنبر، عطر کانسواءِ ڪيترن ٻين استعمالن ۾ به اچي ٿو. عربن جي اوائلي تهذيبن ان کي نه رڳو ‘عنبر ’ جو نالو ڏنو پر سرهاڻ، قوت باه ۽ دوائن طور به استعمال ڪري ڪيترين بيمارين جهڙوڪ؛ دماغ، دل ۽ حواسن جو به علاج ڪيو ويندو هو.