عنصر (Element): عنصر جي بنيادي معنيٰ آهي: جزو، حصو يا مقدار. عنصر گهڻ معنيٰ وارو لفظ ۽ اوڪسفورڊ ڊڪشنريءَ مطابق ڪيترين معنائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. جھڙوڪ: 1. ڪنهن شيءِ جو بنيادي يا عام جزو، 2. ڪنهن معيار يا احساس جو ننڍڙو حصو، 3. ماڻهن جي ننڍڙي ٽولي جيڪا ڪنهن وڏي هجوم يا سماج جو حصو هجي، 4. ڪو اهڙو سادو ڪيميائي مادو جنهن ۾ رڳو هڪ قسم جا ائٽم يا اڻا موجود هجن ۽ ڪيميائي لحاظ کان ان کي ٽوڙي نہ سگهجي. مثال طور: آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ 5. چئن مادن مان ڪو بہ مادو؛ هوا، باھہ، پاڻي ۽ مٽي جن لاءِ عام ماڻهن جو ويساھہ رهندو آيو آهي تہ هر شئي انهن عنصرن مان خلقيل آهي، 6. ڪنهن مضمون جا بنيادي اصول.عنصر ڪيميائي (chemical element): ڪيميائي عنصر جي سادي ۾ سادي وصف آهي، هڪ اهڙو مادو، جنهن کي ڪيميائي لحاظ کان وڌيڪ سادن مادن ۾ ٽوڙي نہ سگهجي. ڪو بہ عنصر ائٽمن جو جڙيل ٿئي ٿو ۽ ان جي ائٽمن جو تعداد ساڳيو هجي ٿو يعني انهن جي ائٽمن ۾ پروٽانن جو انگ هڪ جيترو هجي ٿو. عنصر ڪيترن ننڍڙن جزن جا جڙيل ٿين ٿا، جن جي ڪنهن بہ ائٽم کي ڪڍي ڪنهن بہ قسم جو اهڙو ڪيميائي ردعمل ڪري نہ ٿو سگهجي، جيڪو ان کي ٽوڙي الڳ ڪري يا ان جي ننڍڙن حصن کي جوڙي، ان عنصر جو ڪو وڏو ائٽم ٺاهي سگهجي. جڏهن تہ عنصرن جي ائٽمن کي رڳو نيوڪليائي ردعملن رستي ٽوڙي يا جوڙي سگهجي ٿو. هن وقت تائين 118 ڪيميائي عنصر لڌا ويا آهن جن مان 94 قدرتي تہ باقي مصنوعي يا هٿرادو آهن. ڪائنات ۾ وڌ ۾ وڌ جهجهو عنصر هيڊروجن، ڌرتيءَ تي لوھہ، ڌرتيءَ جي ٻاهرين ڇلر ۽ انساني جسم ۾ گهڻي ۾ گهڻو آڪسيجن آهي.