عنصري

عنصري (فارسي شاعر): ايران جي مشهور فارسي شاعر عنصريءَ جو اصل نالو حسن بن احمد، ڪنيت ابو القاسم ۽ تخلص عنصري هو. هن ايران جي شهر بلخ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم به بلخ ۾ ئي حاصل ڪئي. هو شروع ۾ محمود غزنوي جي ننڍي ڀاءُ نصر بن سبڪتگين جي درٻار ۾ رهيو ۽ ان کانپوءِ سلطان محمود غزنوي جي درٻار ۾ رهيو جنهن کيس ‘ملڪ الشعرا’ جو خطاب ڏنو. جڏهن محمود غزنويءَ ملتان ۽ منصوره جي اسماعيلي حڪومت تي حملا ڪري اسماعيلي حڪومتن جو خاتمو آندو، ان وقت عنصري محمود غزنويءَ جي درٻار سان وابسته هو. محمود غزنويءَ 8 مئي 1011ع تي ملتان تي قبضو ڪيو ۽ 1025ع ۾ سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڪيو. ان واقعي کي عنصريءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو. هن به فارسيءَ جي ٻين شاعرن وانگر سنڌ ۽ هند کي الڳ ملڪ لکيو آهي. هن 431هه/1039ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ عنصريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو