عهدنامو معاهدو

عهدنامو/ معاهدو (Treaty): ڪن به ٻن رياستن، ٻن قبيلن، ٻن ماڻهن يا ٻن ڌرين جي وچ ۾ ڪن مخصوص معاملن تي اتفاق راءِ ۽ انهن تي عمل درآمد واري سلسلي کي عهدنامو يا معاهدو سڏيو وڃي ٿو. بين الاقوامي قانون موجب هڪ دفعو ڪن به ٻن رياستن، ماڻهن، قبيلن يا ڌرين جي وچ ۾ بحران، تڪرار يا اڳڀرائي تي متفق ٿي پاڻ ۾ ڪو معاهدو ڪن ٿيون ته اهي معاهدي جي شق کي مڃڻ لاءِ ذميوار پڻ بڻجن ٿيون. ڪو به معاهدو (الف) رياستن جي وچ ۾ (ب) معاهدي ڪرڻ واري حيثيت رکندڙ بين الاقوامي تنظيمن رياستن درميان (ج) مختلف بين الاقوامي تنظيمن جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو. ويانا ڪنوينشن 1969ع معاهدي بابت وضاحت ڪندي شق a (1) 2 تحت هيٺين ريت رهنمائي ڪري ٿو. بين الاقوامي قانون جي ضابطن هيٺ ڪن به ٻن ڌرين رياستن وچ ۾ لکت جي صورت ۾ ٿيل سهمتي جيڪا ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ دستاويز تي مشتمل هجي ان جو ڪو نه ڪو واضح هدف مقرر هجي. اهڙيءَ طرح ٺاهه، سهمتي، ضابطا ۽ بااختيار ڪري سگهن ٿا. معاهدي لاءِ ضروري آهي ته اهو تحريري عمل ۾ هجي، ڇاڪاڻ ته ويانا ڪنوينشن مطابق زباني معاهدن جي صورت ۾ ان تي عمل درآمد لاءِ ڪو به قانوني رستو واضح نٿو ٿئي. بلڪه اهو ته ٻنهي ڌرين جي نيت جو محتاج هجي ٿو. ڪو به معاهدو ٻن يا ان کان وڌيڪ ڌرين جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو