عوام پنهنجي انقلاب جي ڳولا ۾

عوام پنهنجي انقلاب جي ڳولا ۾ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور ليکڪ انور پنهور جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور سوشلسٽ اڳواڻ لال خان جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺان عنوان شامل آهن: اصل حقيقت ڇا آهي؟، ٻه قومي نظريو ۽ پاڪستاني رياست جو پسمنظر، نئين رياست پاڪستان جي سياسي صورتحال، پاڪستان جي اقتصادي ۽ معاشي صورتحال، مذهبي بنياد پرستي، قومي مسئلو ۽ ان جو تاريخي پسمنظر، بلوچستان جي قومي آزادي جو مسئلو، سرائڪي قومي مسئلو، پختون خواهه مسئلو، ڪشمير تڪرار، پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت، محترم بينظير ڀٽو جي شهادت، بينظير ايمپلائيز اسٽاڪ آپشن اسڪيم يا ڪارو نانگ؟ عوام ٽيڪس ڇو ڏئي، پاڻي جي هٿرادو ٻوڏ جي وسيلي ڪيل عوام جي تباهي، عالمي معاشي ۽ سياسي تنظر، سرمائيداري نظام جو بحران، آمريڪا ۽ ان جي ڊهندڙ سامراجيت، چين سوشلسٽ انقلاب جي سفر تي، ڀارت هڪ اڀرندڙ معيشت يا دنيا جي وڏي غربت؟، روس جي عوام جي نجات بالشويڪ انقلاب، برازيل ڏانهن وڌندڙ ٻوليوارين انقلاب جا قدم، ايراني عوام جي هلندڙ تحريڪ انقلاب جي دروازي تي، افغانستان جي نجات جو رشڪ ثور انقلاب، وينزويلا ۾ ٻولي وارين تحريڪ، انقلاب جا پهريان قدم، بوليويا سوشلسٽ انقلاب جي ڪناري، عالمي معاشي ۽ سياسي تناظر جو سم اپ ۽ عوام جو پنهنجو ڪهڙو انقلاب؟ وغيره. هي ڪتاب رنگين ٽائيٽل، پڪي جلد ۽ ڊيمي سائيز ڪتاب 192 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 2011ع ڌاري طبقاتي جدوجهد پبليڪيشن، سول اسپتال روڊ حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو