عود ڪاٺي

عود ڪاٺي

عود ڪاٺي

عود ڪاٺي (Eagle Wood): هي وڻ هندستان ۽ بنگلاديش ۾ ٿئي ٿو. هي وڻ 70 کان 80 فوٽ وڏو ٿئي ٿو. هن وڻ جا پن 3- 4 انچ وڏا ٿين ٿا ۽ هن جون ٽاريون ٽيڏيون ٿين ٿيون. هن وڻ ۾ بهار جي مند ۾ گل ٿيندا آهن. هن وڻ ۾ کونر به ٿيندو آهي. هن کونئر ۾ خوشبوءِ ٿئي ٿي. عود جا ڪيترائي قسم آهن. سفيد ۽ ڪاري ڪاٺيءَ وارا عام آهن. حڪيمن موجب هي گرم خشڪ آهي. دل ۽ روح کي فرحت ڏئي ٿو. دماغ، دل، جگر، معده، مثاني ۽ گرده کي طاقت ڏئي ٿو. جوڙن جي سور، وات جي بدبوءِ، مرگهي، آنڊن جي زخم ۽ دستن وغيره ۾ مفيد آهي. هن کي عود اگر ۽ اگر ڪاٺي به چئجي ٿو. هن جي ڪاٺيءَ کي ساڙبو ته ان مان خوشبوءِ ايندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو