عورتن خلاف ڏاڍ جو خاتمو

عورتن خلاف ڏاڍ جو خاتمو (ڪتاب): هي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم آڪسفيم جي انگريزي ڪتاب جو سنڌي ترجمو احسان لغاري ۽ محمد اسماعيل سنڌيار ڪيو آهي. ڪتاب ۾ پنهنجي پاران احسان لغاريءَ لکيو آهي، جڏهن ته اصل ڪتاب ۾ سوزن وليمس جو لکيل مهاڳ ڪتاب جي ليکڪ جو مڃتا ۽ نوٽ سنڌي ترجمي سان ڏنل آهن. ڪتاب ترتيب جي لحاظ کان نون بابن ۾ ورهايل آهي. هر باب کي مختلف موضوعن ۾ ورهايو ويو آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل، پڪي جلد ۾ 365 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب آڪسفيم جي. بي سنڌ پاران، 2003ع ۾ ڇپايو ويو. ڪتاب تي ڪابه قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو