عورت: ماضي، حال، مستقبل

عورت: ماضي، حال، مستقبل

عورت ماضي حال مستقبل ڪتاب

عورت: ماضي، حال، مستقبل (ڪتاب): هي ڪتاب انجنيئر عبدالمالڪ جو لکيو آهي. عورت جي زندگيءَ ۽ سماج ۾ ان جي اهميت جي موضوع تي لکيل اهي. ڪتاب جو انتساب بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنها جي نالي ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ عورت ۽ مرد جي مساوات فطرت جو فيصلو، عورت ۽ مرد جي مساوات جا عملي نتيجا، نڪاح، اسلامي مساوات، مغربي مساوات ۽ اسلام، مرد ۽ عورت ۾ فرق، عورت تي اسلام جا احسان، مومن عورت جون صفتون، عورت جو الله سان عهد ۽ عورت جي ذميواري سميت ٻيا مضمون شامل آهن. جن ۾ عورت جي ماضيءَ ۾ گذرندڙ زندگي ۽ حال ۾ کين ملندڙ اهميت کي بيان ڪرڻ سان گڏ، انهن جي مستقبل بابت پڻ لکيو آهي. ڊيمي سائيز ۾ ڪچي جلد سان 146 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب قمر ميمڻ، مهراڻ اڪيڊمي ڪراچيءَ مان 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو