عيد
عيد
عيد
عيد: آرامي ٻوليءَ جي لفظ ‘عود’ کان عيد ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘موٽڻ’، يعني خوشيءَ جو اهو ڏينهن، جيڪو وري وري اچي. مسلمانن وٽ سڀ کان وڏو خوشيءَ جو ڏينهن عيد آهي. مسلمانن وٽ ٻه وڏيون عيدون ٿين ٿيون: هڪ رمضان شريف جي روزن گذرڻ بعد عيدالفطر ۽ ٻي عيدالاضحى، جنهن کي قربانيءَ واري عيد، حج واري عيد يا ٻاڪري عيد به چيو ويندو آهي، جيڪا ڏهين ذوالحج تي ملهائي ويندي آهي. انهن ٻنهي عيدن تي شڪراني طور ٻه رڪعتون عيد نماز به پڙهي وڃي ٿي. ٻين نمازن ۽ عيدن جي نماز ۾ هڪ وڏو فرق اهو آهي ته ان ۾ پهرين رڪعت جي شروعات ۽ ٻيءَ رڪعت ۾ واري واري سان واڌاريون تڪبيرون هڻڻيون پون ٿيون. ان کان سواءِ ٻن حصن ۾ خطبو پڙهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ عيد جي احڪامن ۽ ان جي فضيلت ۽ اهميت بيان ڪري ٻڌائي ٿي وڃي. عيد نماز ۽ خطبي کان پوءِ دعا گهري ويندي آهي ۽ پوءِ مسلمان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملندا آهن ۽ هڪ ٻئي کي عيد جون مبارڪون ڏين ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سٺا سٺا طعام کارائيندا آهن.
سال ۾ ٿيندڙ مذهبي عيدن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
عيدالفطر: هيءَ عيد به اسلامي آهي، جيڪا رمضان شريف جو مهينو ختم ٿيڻ تي پهرين شوال تي ملهائي وڃي ٿي. انهيءَ ڏينهن عيد نماز پڙهڻ کان اڳ ۾ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي طرفان فطرو يا زڪوات الفطر ادا ڪرڻ واجب آهي. جيئن ته هيءَ عيد
رمضان جو سڄو مهينو روزا رکڻ کان پوءِ ايندي آهي، ان ڪري ان جي خوشي به وڌيڪ هوندي آهي. عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪا مٺي شيءِ کائڻ مسنون (سنت) آهي. هند ۽ پاڪ ۾ هن عيد تي سيون ۽ مٺائي اوڙي پاڙي ۽ مائٽن مٽن ۾ ورهائي ويندي آهي.
عيدالاضحيٰ: اسلامي سال جي ٻارهين مهيني جو انتهائي اهم ڏهاڙو آهي. هن عيد کي عيدالڪبير، عيدالقربان، ٻڪرا عيد يا وڏي عيد به چيو ويندو آهي. ترڪيءَ ۾ هن عيد کي ‘قربان بيرامي’ ۽ انڊونيشيا ۾ ريرايا قربان (Reraya Qurban) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هيءَ عيد هر سال ٻارهين اسلامي مهيني ذوالحج ۾ چنڊ جي ڏهين تاريخ تي ملهائي ويندي آهي. هن عيد کان هڪ ڏينهن اڳ نائين ذوالحج جي ڏينهن دنيا جا سمورا مسلمان مڪه معظمه (سعودي عرب) ۾ حج جو فريضو ادا ڪندا آهن. الله جي حڪم ۽ اسلامي قانون مطابق هن عيد تي سڄي دنيا مان صاحبِ حيثيت مسلمان الله جي راهه ۾ ڍڳا، ٻڪر، دنبا، اُٺ (چوپائي مال) جي قرباني ڪندا آهن. هن عيد جو مقصد حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليهما السلام جي قرباني ۽ ايثار واري روايت کي برقرار رکڻ آهي، جنهن تحت حضرت ابراهيم عه خدا جي خوشنودي ۽ رضا حاصل ڪرڻ خاطر خدا جي حڪم تي پنهنجي پياري پٽ حضرت اسماعيل عه کي ذبح ڪرڻ واري خواب جي تعبير ڪرڻ لاءِ وٺي وڃن ٿا ته الله رب العزت جي حڪم سان حضرت اسماعيل عه جي جاءِ تي جنت مان هڪ دنبو حاضر ٿيو ۽ حضرت اسماعيل عه جي جاءِ تي خدا جي حڪم سان اهو دنبو ذبح ٿيو. اهڙيءَ طرح حضرت ابراهيم عه پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو. الله رب العزت کي حضرت ابراهيم عه جو اهو انداز ايتري قدر پسند آيو، جو الله پاڪ قيامت تائين هر صاحبِ حيثيت مسلمان تي قرباني ڪرڻ فرض قرار ڏنو. ايثار ۽ قربانيءَ جي جذبي سان ڀريل هن ڏينهن تي اُمتِ مسلمه انفرادي يا اجتماعي (ستن پتين جي حساب سان) طور جانور خريد ڪري ڏهينءَ کان ٻارهين ذوالحج (عيد جي پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين) ڏهاڙي، خاص ڪري پهرئين ڏينهن عيد نماز جي ادائگيءَ کانپوءِ ذبح (قرباني) ڪن ٿا. شرعي طريقن مطابق جانور کي ذبح ڪرڻ بعد گوشت کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي، جنهن مان هڪ حصو غريبن ۽ مسڪينن جو، هڪ حصو پاڙي وارن ۽ مٽن مائٽن جو ۽ هڪ حصو قرباني ڪندڙ جي گهر ڀاتين جو مقرر هوندو آهي. عيدالفطر جيان هن عيد تي به قرباني جي تيارين سان گڏ ٻيون به ضروري تياريون ڪيون وينديون آهن، جن ۾ نوان ڪپڙا پائڻ وغيره شامل هوندو آهي.
ان کان سواءِ مسلمان عيد ميلاد النبي صه پڻ ملهائيندا آهن. جنهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
عيد ميلادالنبي صه: ٻارهين ربيع الاول جي مبارڪ ۽ سڳوري ڏينهن تي ٻنهي جهانن جي سردار خدا جي آخري نبي محمد صه جو جنم ٿيو. انهيءَ مبارڪ ڏينهن تي مسلمان خاص اهتمام ڪري قرآن پاڪ جا ختما ۽ نعتيه محفلون منعقد ڪندا آهن. گهرن ۾ شمعون روشن ڪري نوان ڪپڙا پهري خوشيءَ جي ساعت ڪري ملهائيندا آهن. خدا جي حبيب جي ولادت باسعادت جو جشن (جشنِ عيد ميلادالنبي صه) سڄي دنيا ۾ جتي جتي مسلمان رهن ٿا. هميشه جي دستور موجب اهتمام ۽ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. ميلاد جي مجلس ۽ رسول ڪريم صه جي ذڪر جي محفلن جا انتظام ربيع الاول جي پهرين تاريخ کان جاري ٿي ويندا آهن. پاڻ سڳورن جي ولادت جي خوشيءَ ۾ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي به پروگرام هلندا آهن. سندن اقوال جي تشهير ٿيندي آهي. انهن ڏينهن تي عمارتن ۽ رستن کي رنگ برنگي جهنڊين ۽ بجليءَ جي جهالرن سان سجايو ويندو آهي. مسجدن کي سينگاريو ويندو آهي. رستن تي محراب ۽ مينار اڏيا ويندا آهن. ڪنڊڪڙڇ ۾ مجلس ۽ جلوس جو انتظام ڪيو ويندو آهي. چوطرف خوشي ۽ شادمانيءَ جو سماءَ هوندو آهي. مسلمانن ۾ ڀرپور جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي ۽ سمورو مهينو عيد ميلادالبنيءَ جو ننگر نياز ۽ محفلون جاري رهنديون آهن.