عيديان

عيديان (قلمي نسخو): هي ٻه خوبصورت گلڪاريءَ سان سينگاريل تحريرون، جن کي ‘عيديان’ جو عنوان ڏنو ويو آهي، سي خواجه شمس الدين علويءَ نالي ڪاتب جون ڪتابت ٿيل آهن. هنن مان هڪ مير مراد علي خان ٽالپر جي نالي ۽ ٻئي مير غلام علي خان ٽالپر جي نالي لکيل آهي. مير مراد علي نالي هي لکيل آهي:
هو المستعان
زبس مدام قدومش مبارڪ و باگام
پئي مراد علي خان امير ذي شان است.
بخد متش ز فيوض طواف کعبه دل
مدام عرض دعا هديه دعا خوان است.
ڪتبه شمس الدين علوي.
۽ ٻي مير غلام علي خان ٽالپر نالي هيئن لکيل آهي. ٻي ۾ هن طرح لکيل آهي:
هو المستعان
بحمدلله که ازحق بحق ماه صيام
بکام عالميان عيش عيد رمضان است
زشاهه بادقدوم شريف اين خوش عيد
هزار مزده عشرت بروزه داران است
زبس بعون ازل اين خجسته عيد نشاط
بکام مير غلام علي سلطان است.
مدام باد بکامش مبارڪ اين خوش عيد،
مدام تاکه قدومش بکام دوران است.
ڪتبه خواجه شمس الدين علوي.
هي ٻئي تحريرون سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو