عيد محمد اجميري

عيد محمد اجميري (طبلي نواز): نامياري طبلي نواز عيد محمد اجميريءَ جو جنم 1938ع ۾ ٿيو. خواجه معين الدين چشتيءَ جي محبت ۾ پنهنجي نالي سان گڏ اجميريءَ جو لقب رکيو هئائين. هن ٻالڪپڻ ۾ ئي طبلي وڄائڻ جي سکيا پنهنجي ناني ۽ پيءُ کان ورتي. ورهاڱي بعد اجمير شريف (هندستان) مان لڏي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهـائـش اخـتيـار ڪـيائيـن ۽ هتي گهنشام نالي هڪ ڊانس اڪيڊميءَ ۾ طبلي جي سکيا وٺڻ جي باقاعده شروعات ڪيائين. هن اڪيڊميءَ ۾ ڪيترائي ناليوارا طبلي نواز ايندا هئا، جيڪي سندس استاد رهيا. کيس، طبلي تي گيت ۽ غزل سان گڏ ڪلاسيڪل ڊانس وڄائڻ تي پڻ مهارت حاصل هئي. پيشي جي لحاظ سان پاڻ ڪيتري ئي عرصي کان ريڊيو پاڪستان، ڪراچي سان سلهاڙيل رهيو. کيس Solo سولو، ڪلاسيڪل ۽ فلمي گيتن تي طبلو وڄائڻ تي عبور حاصل هو. هن هندستان سميت دنيا جي
ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد ماڻيو. کيس لنڊن جي تاريخي البرٽ هال ۾ برطانوي راڻيءَ اڳيان پرفارم ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو. هن ملڪ جي ناميارن فنڪارن سان گڏجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جن ۾ ملڪه موسيقي روشن آرا بيگم، ڪجن بيگم ۽ غلام علي، نورجهان، مهدي حسن، اقبال بانو وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. رونا ليليٰ ۽ محمد يوسف جي سنڌي فلمن ۾ ڳايل گانن ۾ پڻ هن ئي طبلو وڄايو. ان ڏس ۾ سنڌي موسيقارن غلام نبي ۽ عبداللطيف سان پڻ ڪم ڪيائين. ان کان سواءِ ملڪ جي ٻين موسيقارن جهڙوڪ: استاد نٿو خان، رفيق غزنوي، سهيل رعنا سميت ٻين ڪيترن ئي موسيقارن لاءِ طبلي جي ڌن وڄايائين. هن 25 مئي 2015ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو