عيد محمد اجميري

عيد محمد اجميري (طبلي نواز): نامياري طبلي نواز عيد محمد اجميريءَ جو جنم 1938ع ۾ ٿيو. خواجہ معين الدين چشتيءَ جي محبت ۾ پنھنجي نالي سان گڏ اجميريءَ جو لقب رکيو هئائين. هن ٻالڪپڻ ۾ ئي طبلي وڄائڻ جي سکيا پنھنجي ناني ۽ پيءُ کان ورتي. ورهاڱي بعد اجمير شريف (هندستان) مان لڏي پنھنجي ڪٽنب سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهـائـش اخـتيـار ڪـيائيـن ۽ هتي گهنشام نالي هڪ ڊانس اڪيڊميءَ ۾ طبلي جي سکيا وٺڻ جي باقاعدہ شروعات ڪيائين. هن اڪيڊميءَ ۾ ڪيترائي ناليوارا طبلي نواز ايندا هئا، جيڪي سندس استاد رهيا. کيس، طبلي تي گيت ۽ غزل سان گڏ ڪلاسيڪل ڊانس وڄائڻ تي پڻ مهارت حاصل هئي. پيشي جي لحاظ سان پاڻ ڪيتري ئي عرصي کان ريڊيو پاڪستان، ڪراچي سان سلهاڙيل رهيو. کيس Solo سولو، ڪلاسيڪل ۽ فلمي گيتن تي طبلو وڄائڻ تي عبور حاصل هو. هن هندستان سميت دنيا جي
ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد ماڻيو. کيس لنڊن جي تاريخي البرٽ هال ۾ برطانوي راڻيءَ اڳيان پرفارم ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو. هن ملڪ جي ناميارن فنڪارن سان گڏجي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جن ۾ ملڪہ موسيقي روشن آرا بيگم، ڪجن بيگم ۽ غلام علي، نورجهان، مهدي حسن، اقبال بانو وغيرہ جا نالا قابل ذڪر آهن. رونا ليليٰ ۽ محمد يوسف جي سنڌي فلمن ۾ ڳايل گانن ۾ پڻ هن ئي طبلو وڄايو. ان ڏس ۾ سنڌي موسيقارن غلام نبي ۽ عبداللطيف سان پڻ ڪم ڪيائين. ان کان سواءِ ملڪ جي ٻين موسيقارن جھڙوڪ: استاد نٿو خان، رفيق غزنوي، سھيل رعنا سميت ٻين ڪيترن ئي موسيقارن لاءِ طبلي جي ڌن وڄايائين. هن 25 مئي 2015ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو