عيسب فقير جي درگاھ

عيسب فقير جي درگاھ

عيسب فقير

عيسب فقير: مشهور بزرگ عيسب فقير جي درگاهه، ضلعي عمرڪوٽ ۾ نيوڇور شهر کان هڪ ڪلوميٽر اتر طرف تڳوسر جي ترائيءَ ڀرسان قائم قديم قبرستان نصرالله ولي ۾ نصرالله وليءَ جي روضي کان 100 قدم اتر ۾ آهي. عيسب فقير ذات جو سميجو هو. سندس مزار تي لڳل ڪتبي تي شجرو هن ريت لکيل آهي:
عيسب فقير ولد هنڱورو ولد جيهو ولد لاکو ولد ڀاڻون ولد حرار ولد اٿرو ولد بنڀرو ولد آمر ولد منهرا ولد ڀاڻون ولد ڏيرو ولد ٿيٻو ولد انڙ ولد ڄام سمون.
جڏهن ته وفات جي تاريخ جي حوالي سان لکيل جملو هن ريت آهي:
‘وفات سن هجري پنج سئو سال ورهيه’.
سندس درگاهه چورس ۽ گنبذ سان اڏيل آهي، جڏهن ته ورانڊي ۾ هڪ ٻي مزار پڻ آهي. عيسب فقير سيلاني درويش هو. هڪ دفعي گهمندي ڦرندي درگاهه کان ڏکڻ طرف 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود ٺڪرن جي ڳوٺ سڻوهيءَ ۾ آيو، جتي رات رهڻ جو ارادو ڪيائين. شام جي وقت ڳوٺ جي کوهه تي پاڻي ڀرڻ لاءِ ويو، جتي هڪ خوبصورت ڇوڪري پڻ فقير کان پهرين پاڻي ڀرڻ لاءِ پهتي. اتي موجود هڪ مرد، فقير کي درويشي روپ ۾ ڏسي پهرين پاڻي ڀري ڏنو، جيڪا ڳالهه ڇوڪريءَ کي خراب لڳي ۽ هن فقير جي شان ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو. فقير خاموشيءَ سان هليو ويو، پر پنهنجي فقيرن کي حقيقت کان آگاهه ڪيائين ۽ چيائين ته ان ڇوڪريءَ جي مائٽن کان مون لاءِ انهيءَ ڇوڪريءَ جي سڱ جي گهُر ڪريو. فقيرن جڏهن ٺڪرن کان سڱ گهريو ته ٺڪر راجپوتي روايتن جا پابند هئا ۽ سخت ناراض ٿي پيا. فقيرن کي سج اڀرڻ کان پهرين ڳوٺ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڳوٺ مان نه نڪرڻ جي صورت ۾ قتل جي ڌمڪي پڻ ڏنائون. فقير واپس اچي عيسب فقير کي احوال ڏنو، پر هن ڳوٺ خالي ڪرڻ بدران سڪون سان اتي رهڻ جي هدايت ڪئي. روايت آهي ته ٺڪرن ۽ فقيرن وچ ۾ تڪرار وڌي ويو، پر نيٺ ٺڪرن فقير جا ڪرامتي ڪرشما ڏسي کيس ان ڇوڪريءَ جو سڱ ڏنو، ۽ معافي پڻ ورتي.


لفظ عيسب فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو