عيسوي سن

عيسوي سن: عيسوي سن حضرت عيسى عليه السلام ڏانهن منسوب آهي. حضرت عيسى عليه السلام جي ولادت ۾ پڻ اختلاف آهي، جنهن سبب پڪو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي. پوءِ جي تحقيق مان ثابت ڪيو ويو آهي ته عيسوي سن جي شروعات حضرت عيسى عليه السلام جي ولادت کان چار سال پوءِ ٿي. موجوده عيسوي سن جي باقاعده ترتيب حضرت عيسى عليه السلام جي ولادت جي 529 سالن کان پوءِ يعني حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ڄم کان 46 سال اڳ ۾ ڪئي وئي ۽ ان کي لکت جي صورت ۾ جاري ڪيو ويو. انهيءَ سن کي پوءِ 525 پڻ چيو ويو. Dionysi Su Sexigus نالي هڪ عيسائي ايشاءِ ڪوچڪ جي رهاڪو ڪئلينڊر ايجاد ڪيو، جنهن کي بعد ۾ روم جو ايبٽ مقرر ڪيو ويو. ليڪن ان حساب ۾ غلطي ڪئي، جيڪا حضرت عيسى عليه السلام کي آسمان تي کڻڻ کان پوءِ چئن سالن جي هئي ۽ اهائي غلطي عيسوي سن ۾ اڄ تائين هلندي پئي اچي. عيسوي سن کي شمسي سال به چيو وڃي ٿو. فطرت جي قانون موجب هن سن ۾ به سال جا ٻارهن مهينا آهن، جنهن جي جون مهيني ۾ برسات ۽ مارچ ۽ اپريل مهينن ۾ هميشه بهار جي موسم هوندي آهي.


لفظ عيسوي سنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو