عيسوي سن: عيسوي سن حضرت عيسى عليہ السلام ڏانهن منسوب آهي. حضرت عيسى عليہ السلام جي ولادت ۾ پڻ اختلاف آهي، جنهن سبب پڪو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي. پوءِ جي تحقيق مان ثابت ڪيو ويو آهي تہ عيسوي سن جي شروعات حضرت عيسى عليہ السلام جي ولادت کان چار سال پوءِ ٿي. موجودہ عيسوي سن جي باقاعدہ ترتيب حضرت عيسى عليہ السلام جي ولادت جي 529 سالن کان پوءِ يعني حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي ڄم کان 46 سال اڳ ۾ ڪئي وئي ۽ ان کي لکت جي صورت ۾ جاري ڪيو ويو. انهيءَ سن کي پوءِ 525 پڻ چيو ويو. Dionysi Su Sexigus نالي هڪ عيسائي ايشاءِ ڪوچڪ جي رهاڪو ڪئلينڊر ايجاد ڪيو، جنهن کي بعد ۾ روم جو ايبٽ مقرر ڪيو ويو. ليڪن ان حساب ۾ غلطي ڪئي، جيڪا حضرت عيسى عليہ السلام کي آسمان تي کڻڻ کان پوءِ چئن سالن جي هئي ۽ اهائي غلطي عيسوي سن ۾ اڄ تائين هلندي پئي اچي. عيسوي سن کي شمسي سال بہ چيو وڃي ٿو. فطرت جي قانون موجب هن سن ۾ بہ سال جا ٻارهن مهينا آهن، جنهن جي جون مهيني ۾ برسات ۽ مارچ ۽ اپريل مهينن ۾ هميشہ بھار جي موسم هوندي آهي.