عيسو سوائي

عيسو سوائي: مشھور بزرگ، جنھن جي مزار ضلعي ٺٽي ۾، ميرپور ساڪري شھر سان لڳ موجود آهي. روايت موجب سندن وڏو ڏاڏو ‘ڪڙيو’ هو، جيڪو لس ٻيلي ۾ ڪرامت واري صاحب طور مشھور هو. لس ٻيلي ۾ ‘ڪڙيو گهوڙي چڙهيو’ واري چوڻي اڃا تائين مشھور آهي. پاڻ بغداد جي پير عبدالقادر جيلاني جو مريد ۽ خليفو هو. تنھنڪري ڪڙيي شيخ جو اولاد ‘ڪڙياڻي شيخ’ سڏجڻ لڳو. ڪڙياڻي شيخن جا ڪجهہ خاندان، جيڪي لاسي سڏجن ٿا، اُهي لس ٻيلي مان لڏي اچي تعلقي ميرپور ساڪري ۾ رهيا، جن مان شيخ ٽالو ۽ عيسو سوائي مشھور بزرگ ٿي گذريا آهن. ان کانسواءِ مٺو خان شيخ، درگاھہ شيخ ٽالي جو گادي نشين ۽ اهم شخصيت ٿي گذري آهي. عيسي سوائيءَ جي درگاھہ تي هر سال ميلو پڻ لڳندو آهي. درگاھہ جو موجودہ گادي نشين علي محمد شيخ آهي.


لفظ عيسو سوائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو