عيسو فقير بوزدار: مشهور شاعر عيسيٰ فقير جو پورو نالو محمد عيسيٰ هو، سندس جنم 1924ع ڌاري ڳوٺ جروار تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. صوفي شاعر سوڀي فقير جي صحبت ۾ ڪلام چوڻ لڳو. عيسو فقير ذات جو بوزدار هو ۽ انور شاهه جهانپوري واري جو مريد هو. سندس مادري زبان سرائڪي هئي. پر سنڌي رواني سان ڳالهائي سگهندو هو. سندس ڪلام سرائڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو. عيسيٰ فقير ڪجهه تعليم حڪومت طرفان هلايل پروگرام ‘بالغن جي تعليمي پروگرام’ هيٺ پرائي. هيءُ گڊو بئراج ڪالوني نمبر ون ۾ آبپاشي کاتي ۾ پهرين گريڊ جو ملازم هو. سڄي عمر شادي نه ڪيائين. عيسيٰ فقير لاڙ جا سمورا علائقا گهميا ۽ مشاهدو ڪيو. جنهن دوران سندس ملاقاتون بدين جي حاجي فقير، ننگر جو پيرل پياسي، ملان ڪاتيار جي عبدالله ڪاتيار، مٺل فقير سميت ڪيترن ئي صوفي شاعرن ۽ فقيرن سان ٿيون. عيسيٰ فقير جي شاعري ججهي انداز ۾ ملي ٿي. سندس شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي:
اچي ويهه اکين ۾، توکي جوڙي ڏيان جايون،
پنبڙيون پلويڙا ڪيان، ڇپر ڪيان ڇانيون،
هڪ تون هجين ٻيو آئون، عشق مان عيسو چوي.