عيسو، ميون: ميون عيسو ڪلهوڙن جي دور جو نامور ڪلاسيڪل شاعر ٿي گذريو آهي. مختلف ادبي تاريخن ۾ سندس ذڪر ميون عيسو، ميون عيسيٰ هالائي ۽ قاضي ميان عيسيٰ هالائي نالن سان ملي ٿو. هيءُ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر هو. ميون عيسو پنھنجي وقت جو عارف، عالم ۽ متقي شخص هو. علامہ دائودپوٽو ‘مضمون ۽ مقالا’ ۾ لکي ٿو ته، حافظ علي محمد صاحب آخوند هالائيءَ کان روايت آهي تہ ميون عيسو اصل اتر کان آيل هو ۽ ڪلهوڙن جي راڄ ۾ پنھنجي مرشد سان گڏ درياھہ جي رستي سنڌ ۾ آيو. جڏهن ٻيڙي خاڻوٺ وٽ بيٺي تہ مرشد چيس تنھنجي سڪونت هتي آهي. ان کان پوءِ ڳچ وقت خاڻوٺ ۾ رهيو. ڪلهوڙن حڪمرانن جو منجهس ويساھہ هو. آخر ۾ سندس هڪ مريد (کوکر) کيس لڏائي پنھنجي ڳوٺ (ملاڪاتيار ۽ سيدپور جي وچ تي) وٺي ويا. سندس تربت بہ جندواھہ قبرستان ۾ آهي. هڪ ٻيءَ روايت موجب اتر سنڌ جي نامياري عالم ۽ بزرگ مخدوم محمد اسماعيل پـريالـويءَ جـو وڏو فـرزند هـو. سندس وفات بعد گـادي نشيـن ٿيـو. دستاربنديءَ جي ڪجهہ وقت بعد 1200ھہ/ 1800ع جي پڇاڙيءَ ڌاري حج تي ويو. حج تان واپسيءَ بعد درياھہ رستي ڳوٺ خاڻوٺ تعلقي هالا ۾ منزل انداز ٿيو، جنهن دوران سندس ملاقات مخدوم نوح جي گادي نشين مخدوم مير پير سان ٿي. جتي رهي پيو ۽ مخدوم جي خاندان جي ٻارن کي ديني ۽ روحاني تعليم ڏيندو رهيو. جنهن دوران سندس رهائش ڪاڪا محله جي وچ شھر جي جامع مسجد جي حجري ۾ ٿي. سندس آخري آرامگاھہ بہ مخدومن جي قبرستان ۾ آهي. سندس شاگردن ۾ مخدوم محمد زمان ثالث قابل ذڪر آهي.ميين عيسيٰ جا سنڌي بيت ۽ ٽيھہ اکريون ڇپيل صورت ۾ ملن ٿيون. سندس ذڪر ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، پروفيسر لطف ﷲ بدوي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنھنجي ادبي تاريخن ۾ ڪيو آهي. ميين عيسي جو ڪجهہ ڪلام ڏيپلائيءَ جي ترتيب ڏنل شاھہ جي رسالي ۾ پڻ ملي ٿو. ميان رڪن الدين ‘ميين عيسي جي سنڌي ٽيھہ اکري’ نالي سان سندس ڪلام 1312ھہ 1894ع ۾ ترتيب ڏنو آهي.