عيسو، ميون: ميون عيسو ڪلهوڙن جي دور جو نامور ڪلاسيڪل شاعر ٿي گذريو آهي. مختلف ادبي تاريخن ۾ سندس ذڪر ميون عيسو، ميون عيسيٰ هالائي ۽ قاضي ميان عيسيٰ هالائي نالن سان ملي ٿو. هيءُ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر هو. ميون عيسو پنهنجي وقت جو عارف، عالم ۽ متقي شخص هو. علامه دائودپوٽو ‘مضمون ۽ مقالا’ ۾ لکي ٿو ته، حافظ علي محمد صاحب آخوند هالائيءَ کان روايت آهي ته ميون عيسو اصل اتر کان آيل هو ۽ ڪلهوڙن جي راڄ ۾ پنهنجي مرشد سان گڏ درياهه جي رستي سنڌ ۾ آيو. جڏهن ٻيڙي خاڻوٺ وٽ بيٺي ته مرشد چيس تنهنجي سڪونت هتي آهي. ان کان پوءِ ڳچ وقت خاڻوٺ ۾ رهيو. ڪلهوڙن حڪمرانن جو منجهس ويساهه هو. آخر ۾ سندس هڪ مريد (کوکر) کيس لڏائي پنهنجي ڳوٺ (ملاڪاتيار ۽ سيدپور جي وچ تي) وٺي ويا. سندس تربت به جندواهه قبرستان ۾ آهي. هڪ ٻيءَ روايت موجب اتر سنڌ جي نامياري عالم ۽ بزرگ مخدوم محمد اسماعيل پـريالـويءَ جـو وڏو فـرزند هـو. سندس وفات بعد گـادي نشيـن ٿيـو. دستاربنديءَ جي ڪجهه وقت بعد 1200هه/ 1800ع جي پڇاڙيءَ ڌاري حج تي ويو. حج تان واپسيءَ بعد درياهه رستي ڳوٺ خاڻوٺ تعلقي هالا ۾ منزل انداز ٿيو، جنهن دوران سندس ملاقات مخدوم نوح جي گادي نشين مخدوم مير پير سان ٿي. جتي رهي پيو ۽ مخدوم جي خاندان جي ٻارن کي ديني ۽ روحاني تعليم ڏيندو رهيو. جنهن دوران سندس رهائش ڪاڪا محله جي وچ شهر جي جامع مسجد جي حجري ۾ ٿي. سندس آخري آرامگاهه به مخدومن جي قبرستان ۾ آهي. سندس شاگردن ۾ مخدوم محمد زمان ثالث قابل ذڪر آهي.ميين عيسيٰ جا سنڌي بيت ۽ ٽيهه اکريون ڇپيل صورت ۾ ملن ٿيون. سندس ذڪر ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، پروفيسر لطف الله بدوي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ادبي تاريخن ۾ ڪيو آهي. ميين عيسي جو ڪجهه ڪلام ڏيپلائيءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ پڻ ملي ٿو. ميان رڪن الدين ‘ميين عيسي جي سنڌي ٽيهه اکري’ نالي سان سندس ڪلام 1312هه 1894ع ۾ ترتيب ڏنو آهي.