عيسيٰ خان ترخان ثانيءَ جو مقبرو

عيسيٰ خان ترخان ثانيءَ جو مقبرو

عيسيٰ خان ترخان ثانيءَ جو مقبرو

عيسيٰ خان ترخان ثانيءَ جو مقبرو: مڪليءَ (ضلعو ٺٽو) تي موجود سڀني مقبرن ۾ سڀ کان ڪشادو مقبرو ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان ثاني جو آهي. پٿر جي وڏي چوديواري ۾ پٿرن جي ٻه ماڙ عمارت جي مٿان اڇو گنبذ هن مقبري جي خاص سڃاڻپ آهي. مرزا عيسيٰ خان ثاني مختصر وقت لاءِ ٺٽي تي مغل گورنر طور حڪومت ڪئي. هو مرزا جان بابا جو پٽ، مرزا باقي بيگ ترخان جو ڀائيٽو ۽ مرزا عيسيٰ ترخان (اول) جو پوٽو هو. (وڌيڪ ڏسو: ترخان عيسيٰ خان ثاني، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، ص 256)
هيءُ مقبرو ڪوٽن وارن مقبرن ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته مقبري واري جڳهه، چوڌاري ڏنل ڪوٽ جي وچ تي آهي. اهو مقبرو ٻين مقبرن کان ان ڪري نواڻ رکي ٿو، جو هن مقبري ۾ قبرن مٿان هڪ مڪمل اڏاوت ٿيل آهي، مرزا عيسيٰ خان ترخان ثانيءَ جي مقبري جو سٽاءُ گجراتي اڏاوتي طرز جو آهي، جنهن ۾ وچ واري هم چورس صفي کي چوڌاري ٺلهه ڏئي ان عمارت کي جوڙي راس ڪيو ويو آهي. اهي ٺلهه جڳهه ۾ چوڌاري ڏسي ۽ پسي سگهن ٿا.ڇت ۽ ڪٽهڙي جي تري ۾ تراکڙا اڪيريل پٿر استعمال ڪيا ويا آهن.ڇت ڍڪڻ جو هيءُ اهڙو طريقو آهي، جيڪو اسلامي اڏاوتي فن واري دور کان اڳ ۾ رائج هو ۽ ان طريقي سان منڊپ يا صفي کي ڍڪيو ويندو هو. مکيه قبي جي تعمير ۾ گڏيل وچڙيل قسم
جون ونگون جوڙي اٺاس کي سورنهن پاسن ۾ بدلايو ويو آهي، ڇت تي ڪيترن ئي ويٺوڙن ڍڪن جو سلسلو آهي. ڍڪ ڏيڻ جو هڪ سلسلو ننڍن چورسن مٿان آهي، جيڪي چئن ٺلهن تي ٺهيل آهن. گهڻن قبن جي صورت ۾ اهڙي قسم جا نمونا گجرات ۾ اختيار ڪيا ويندا هئا. مگر ان ۾ هڪ چٽو فرق موجود آهي. گجرات ۾ مسجدون مقبرن کان الڳ تعمير ڪيون وينديون هيون، ڪوٽ جي سٽاءُ هم چورس ۽ مکيه لنگهه اوڀر کان آهي. اوڀارين لنگهه وانگر، اتر ۽ ڏکڻ پاسي کان به بند لنگهه ۽ اولهه واري ڀت ۾ محراب جوڙيل آهي.موجوده مقبري جي الهندي ڀت سان ڀراءُ وجهي ان کي مٿي ڪيو ويو آهي. محراب به ان ان ساڳئي سنوت تي جوڙيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته نماز باجماعت پڙهڻ واسطي ائين ڪيو ويو هجي، اتر - الهندي ۽ ڏکڻ - الهندي پاسي جدا ٿلها نظر اچن ٿا، جن تي به قبرون موجود آهن. ساڳئي ريت اترئين ڦاٽڪ جي اندرئين پاسي قبرن لاءِ خاص وٿي ڇڏي ويئي آهي. اتر - اوڀر واري ڪنڊ تي، عورتن جي قبرن واسطي هڪ هم چورس جڳهه ڇڏيل آهي.
مکيه قبو هڪ هم چورس ٿلهي تي ٺهيل آهي، اندر وڃڻ لاءِ چئن ئي پاسن کان ٽه-ڏاڪي چاڙهي ٺهيل آهي. ان ٿلهي تي قبي جو هم چورس منڊپ آهي، جنهن جي چئن پاسن کان ٺلهن جون ٻه قطارون آهن. هر هڪ پاسي کان ڏهه ٺلهه آهن، اهي اهڙي ترتيب سان جوڙيل آهن جو ٺلهن جي چوڪڙي جي پاسي جي وچ تي ٽي ونگدار لنگهه بڻجي پيا آهن. جيڪي بالاخاني ڏانهن هليا ٿا وڃن، فقط اوڀر پاسي کان پهرين ماڙي تي وڃڻ لاءِ ٻه - پاسا، ٽه - ونگدار لنگهه تعمير ٿيل آهن. وچ واري قبي جو منڊپ ٺلهن تي بيٺل آهي، جنهن جي چوڌاري ويهه ٺلهه نظر اچن ٿا. ٻن ٺلهن جي وچ وارين وٿين کي ڦڙديون ڏئي بند ڪيو ويو آهي. مقبري جي ڀتين تي ٿيل اڪير فتح پور سيڪريءَ جي يادگارن تي ٿيل اڪير سان ڀيٽائي سگهجي ٿي. فتح پور سيڪريءَ ۾ ان تعمير جي ويجهو جيڪڏهن ڪا جڳهه آهي ته اها ترڪي سلطانه جي مقبري جي آهي، جنهن جي عمارت جا اندريان پاسا ٻارين سان ڀريا پيا آهن، جن ۾ پکين ۽ جانورن جون تصويرون چٽيل آهن. ان ڪري ڪي عالم ان خيال جا آهن ته هيءُ مرزا عيسيٰ خان ترخان II وارو مقبرو فتح پور سيڪريءَ جي اڏاوتي طرز تي جوڙيو ويو آهي. پر جيڪڏهن غور ڪري ڏسجي ٿو ته ٻنهي جڳهين ۾ اصول بنهه الڳ آهي. فتح پور سيڪريءَ وانگر هتي ورن وڪڙن يا نانگ ور واريون گهوڙيون (Serpentine brackets) استعمال ڪو نه ڪيون ويون آهن. اها به هڪ حقيقت آهي ته فتح پور سيڪريءَ واري جاءِ جو تعميراتي فن تان ورتل آهن، اهو به امڪان آهي ته مڪلي ٽڪريءَ تي موجوده سردرن ۾ شهتيرن وارين جاين تي به گجرات واري اڏاوتي فن جو اثر هجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو