حضرتعيسيٰ عليه السلام

حضرتعيسيٰ عليه السلام

عيسيٰ عليه السلام حضرت

عيسيٰ عليه السلام، حضرت: بني اسرائيل جي نبين جي سلسلي جو آخري نبي ۽ بيبي مريم عه جو فرزند حضرت عيسيٰ عليه السلام صاحب ڪتاب نبي آهي. قرآن مجيد ۾ هن نبيءَ کي عيسيٰ ۽ روح الله جي اسمن سان ياد ڪيو ويو آهي. قرآن مجيد ۾ حضرت عيسيٰ عه، ان جي ماءُ بيبي مريم، ان جي ناني حضرت عمران ۽ ان جي ناني حنا بنت فاقوذ (امـرتھ عمران) بلـڪه سڄـي خـانـدان جو سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪـيـو ويـو آهـي.
حضرت عيسيٰ عه جي امڙ بيبي مريم عه پنهنجي پيءُ عمران جي هڪڙي ڌيءُ هئي. قرآن مجيد مطابق حضرت عيسيٰ عه جي ولادت حضرت آدم عليه السلام وانگر عام مروج طريقي کان هٽي ڪري ٿي. آدم عليه السلام جي تخليق پيءُ ماءُ جي بغير ٿي ۽ حضرت عيسيٰ بنا پيءُ جي عالم وجود ۾ آيو. حضرت عيسيٰ عه جي پيدائشي سال متعلق ڪا حتمي تاريخ نٿي ملي. مگر مؤرخن/ عالمن جو رايو آهي ته سندس ولادت ڇهين ق. م ۾ ٿي هوندي. قرآن پاڪ مطابق بيبي مريم وڏي عابده، زاهده ۽ صالحه خاتون هئي. سندس نيڪي ۽ پارسائي جي ڪري خداوند عالم دنيا جي عورتن مان بطور خاص منتخب ڪيو، هن سڄي عمر الله جي عبادت ۾ بسر ڪئي، خداوند عالم انهي بنا تي هن کي ڪنهن به قسم جي ظاهري تعلق يا واسطي بغير پنهنجي فضل و ڪرم سان هڪ نبيءَ
جي ماءُ هجڻ جو شرف بخشيو، جنهن جو نالو حضرت عيسيٰ روح الله عليه السلام هو.
حضرت عيسيٰ عه اولوالعزم نبي هو. هن جي ولادت بغير پيءُ جي ٿي. انهي ڪري هن کي ‘ڪلمتھ الله’ به سڏيو وڃي ٿو. حضرت عيسيٰ عه ڄمندي ڄام هو، اڃا ماءُ جي آغوش ۾ ئي هو ته نبوت جو اعلان ڪيائين ۽ پنهنجي ماءُ بيبي مريم عه جي پاڪدامنيءَ جي گواهي ڏنائين.
حضرت عيسيٰ عه، الله جي حڪم سان هٿ ڦيري بيمارن کي شفا ڏيندو هو. نابينن کي بينائي عطا ڪندو هو، مڙدن کي زندهه ڪندو هو ۽ مٽيءَ جا پکي ٺاهي انهن کي حڪم خدا سان زنده ڪندو هو. انهي ڪري کيس ‘مسيح’ جو لقب عطا ڪيو ويو ۽ مسيحا پڻ چيو وڃي ٿو. حضرت عيسيٰ عه صاحبِ ڪتاب نبي هو ۽ مٿس وحي ٿيل ڪتاب انجيل جي نالي سان مشهور آهي.
حضرت عيسيٰ جڏهن حڪم خدا سان دين جي تبليغ ڪئي ته وقت جي بادشاهه هن جي شديد مخالفت ڪئي، آخر هن حضرت عيسيٰ کي سندس ساٿين سميت پڪڙي سوليءَ (صليب) تي چاڙهڻ ٿي گهريو، پر الله تعاليٰ هڪدم پنهنجي نبي حضرت عيسيٰ کي زنده آسمان تي کڻي ورتو. قرآن مجيد مطابق حضرت عيسيٰ الله تعاليٰ وٽ آهي ۽ قيامت کان پهرين زمين تي ضرور لهندو.
حضرت عيسيٰ عليه السلام جو قرآن مجيد جي جن جن پارن، سورتن ۽ آيتن ۾ ذڪر ملي ٿو، تن جو تفصيل هي آهي:
پارو سورت آيت مبارڪ
1 بقره 87
3 بقره 253
3 آل عمران 42، 43، 45 تا 60
6 النساء 156، 159، 163، 171، 172
6 مائده 17، 18، 47، 72 تا 78 ۽ 110 تا 118
7 انعام 86
16 مريم 16 کان 35
17 انبياء 91
18 مومنون 58، 61
25 زخرف 57 تا 59، 61، 63، 64
27 حديد 27
28 صف 6


هن صفحي کي شيئر ڪريو