حضرتعيسيٰ عليه السلام

حضرتعيسيٰ عليه السلام

عيسيٰ عليہ السلام حضرت

عيسيٰ عليہ السلام، حضرت: بني اسرائيل جي نبين جي سلسلي جو آخري نبي ۽ بيبي مريم عه جو فرزند حضرت عيسيٰ عليہ السلام صاحب ڪتاب نبي آهي. قرآن مجيد ۾ هن نبيءَ کي عيسيٰ ۽ روح ﷲ جي اسمن سان ياد ڪيو ويو آهي. قرآن مجيد ۾ حضرت عيسيٰ عه، ان جي ماءُ بيبي مريم، ان جي ناني حضرت عمران ۽ ان جي ناني حنا بنت فاقوذ (امـرتھ عمران) بلـڪه سڄـي خـانـدان جو سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪـيـو ويـو آهـي.
حضرت عيسيٰ عه جي امڙ بيبي مريم عه پنھنجي پيءُ عمران جي هڪڙي ڌيءُ هئي. قرآن مجيد مطابق حضرت عيسيٰ عه جي ولادت حضرت آدم عليہ السلام وانگر عام مروج طريقي کان هٽي ڪري ٿي. آدم عليہ السلام جي تخليق پيءُ ماءُ جي بغير ٿي ۽ حضرت عيسيٰ بنا پيءُ جي عالم وجود ۾ آيو. حضرت عيسيٰ عه جي پيدائشي سال متعلق ڪا حتمي تاريخ نٿي ملي. مگر مؤرخن/ عالمن جو رايو آهي تہ سندس ولادت ڇهين ق. م ۾ ٿي هوندي. قرآن پاڪ مطابق بيبي مريم وڏي عابده، زاهده ۽ صالحه خاتون هئي. سندس نيڪي ۽ پارسائي جي ڪري خداوند عالم دنيا جي عورتن مان بطور خاص منتخب ڪيو، هن سڄي عمر جي عبادت ۾ بسر ڪئي، خداوند عالم انهي بنا تي هن کي ڪنهن بہ قسم جي ظاهري تعلق يا واسطي بغير پنھنجي فضل و ڪرم سان هڪ نبيءَ
جي ماءُ هجڻ جو شرف بخشيو، جنهن جو نالو حضرت عيسيٰ روح ﷲ عليہ السلام هو.
حضرت عيسيٰ عه اولوالعزم نبي هو. هن جي ولادت بغير پيءُ جي ٿي. انهي ڪري هن کي ‘ڪلمتھ ’ بہ سڏيو وڃي ٿو. حضرت عيسيٰ عه ڄمندي ڄام هو، اڃا ماءُ جي آغوش ۾ ئي هو تہ نبوت جو اعلان ڪيائين ۽ پنھنجي ماءُ بيبي مريم عه جي پاڪدامنيءَ جي گواهي ڏنائين.
حضرت عيسيٰ عه، جي حڪم سان هٿ ڦيري بيمارن کي شفا ڏيندو هو. نابينن کي بينائي عطا ڪندو هو، مڙدن کي زندھہ ڪندو هو ۽ مٽيءَ جا پکي ٺاهي انهن کي حڪم خدا سان زندہ ڪندو هو. انهي ڪري کيس ‘مسيح’ جو لقب عطا ڪيو ويو ۽ مسيحا پڻ چيو وڃي ٿو. حضرت عيسيٰ عه صاحبِ ڪتاب نبي هو ۽ مٿس وحي ٿيل ڪتاب انجيل جي نالي سان مشھور آهي.
حضرت عيسيٰ جڏهن حڪم خدا سان دين جي تبليغ ڪئي تہ وقت جي بادشاھہ هن جي شديد مخالفت ڪئي، آخر هن حضرت عيسيٰ کي سندس ساٿين سميت پڪڙي سوليءَ (صليب) تي چاڙهڻ ٿي گهريو، پر تعاليٰ هڪدم پنھنجي نبي حضرت عيسيٰ کي زندہ آسمان تي کڻي ورتو. قرآن مجيد مطابق حضرت عيسيٰ تعاليٰ وٽ آهي ۽ قيامت کان پهرين زمين تي ضرور لهندو.
حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو قرآن مجيد جي جن جن پارن، سورتن ۽ آيتن ۾ ذڪر ملي ٿو، تن جو تفصيل هي آهي:
پارو سورت آيت مبارڪ
1 بقرہ 87
3 بقرہ 253
3 آل عمران 42، 43، 45 تا 60
6 النساء 156، 159، 163، 171، 172
6 مائده 17، 18، 47، 72 تا 78 ۽ 110 تا 118
7 انعام 86
16 مريم 16 کان 35
17 انبياء 91
18 مومنون 58، 61
25 زخرف 57 تا 59، 61، 63، 64
27 حديد 27
28 صف 6


هن صفحي کي شيئر ڪريو