عيسيٰ ميمڻ

عيسيٰ ميمڻ

عيسيٰ ميمڻ

عيسيٰ ميمڻ: ناليوارو اديب عيسيٰ ميمڻ ولد الهڏنو، 09 جولاءِ 1985ع تي ڳوٺ کونهارا، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ مان، مئٽرڪ حيدربخش جتوئي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان، انٽر گورنمينٽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ماسٽرس سنڌي ادب ۾ شاھہ عبداللطيف يـونيورسـٽـي خيـرپـور ميـرس مان 2006ع ۾ حاصـل ڪئـي. ان کان سـواءِ ايل. ايل. بي ۽ بي. ايڊ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. هن وقت شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان سنڌيءَ ۾ ايم. فل ڪري رهيو آهي. سندس ٿيسز ‘جيلن ۾ سرجيل سنڌي ادب جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو’ آهي.
عيسيٰ ميمڻ ادبي دنيا ۾ 1998ع ڌاري ٻاراڻي ادب کان شروعات ڪئي. هيءُ 1998ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جو ميمبر ٿيو. جنهن بعد 2002ع ۽ 2003ع ۾ ساڳي شاخ جو ٻہ ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو. 7-2006ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جو رابطہ سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر، سيڪريٽري پڻ رهيو. رابطہ سيڪريٽري هجڻ دوران سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي ترجمان رسالي ‘سنگت سماچار’ جو جوائنٽ ايڊيٽر رهيو، جڏهن تہ ماهوار ‘سارنگ’ ڪراچي رسالي جو 2009ع ۾ جوائنٽ ايڊيٽر رهيو. 2007ع ۾ دوست سان گڏجي ‘مهين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ’ جو بنياد رکيائين ۽ ان جي ترجمان رسالي ‘سمبارا’ جو ايڊيٽر رهيو. اڪيڊميءَ جي مختلف عهدن تي رهندي مهين جي دڙي جي بچاءَ لاءِ تحريڪ هلايائين. عيسيٰ ميمڻ 2007ع ۾ ‘ايڪٽو ويلفيئر ايسوسيئيشن’ جو صدر رهيو.عيسيٰ ميمڻ جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر گروپ) جو ميمبر، ضلعي اڳواڻ رهڻ سان گڏ 2010ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو مرڪزي پريس سيڪريٽري رهيو. جنوري 2012ع ۾ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ جو بنياد رکيائين، جنهن جي پليٽفارم تان ڪيترن اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب ڇپرايائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: مهين جو باغي (ترتيب: 2012ع)، پرھہ جو پيغمبر (جي. ايم. سيد جون يادگار تقريرون: ترتيب: 2012ع)، سياست، تاريخ ۽ ڪردار (مضمون: 2013ع)، سماج ۽ ادب جو سفر (ترتيب: 2013ع)، ۽ ‘سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي (2017ع) قابل ذڪر آهن. سندس شاعري، رياضت ٻرڙي پاران ترتيب ڏنل لاڙڪاڻي ضلعي جي شاعرن جي گڏيل مجموعي ‘مون ڏات انوکي آندي آ’ ۾ شايع ٿيل آهي.عيسيٰ ميمڻ تعليم کاتي ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سندون ملي چڪيون آهن، جن ۾ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ‘مڃتا سند’ (2004)، سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران ‘بھترين ورڪر اوارڊ’، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ‘بھترين سيڪريٽري اوارڊ’ (2013ع)، ايليمينٽري تعليم کاتي سنڌ طرفان ‘بھترين استاد اوارڊ’ (2017)، سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي پاران ‘بھترين اديب اوارڊ’ (2017ع) وغيرہ قابل ذڪر آهن.


لفظ عيسيٰ ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.07.09  عيسوي

ناليوارو اديب عيسيٰ ميمڻ ولد الهڏنو، 09 جولاءِ 1985ع تي ڳوٺ کونهارا، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بھادر ٽالپر
غلام حسين رنگريز
عبدالجبار عاجز منگي
ڌڻي بخش مگسي
رياضت ٻرڙو
نسيم ٿيٻو
چغتائي عصمت
ساقي سجاولي
سيد عبدالحسين موسوي
مدد علي سنڌي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون