عين جمال رسول اللهصه

عين جمال رسول اللهصه (ڪتاب): سنڌي نعتيه ڪلام تي مشتمل هيءُ ڪتاب پروفيسر محمد اسماعيل ‘منصور’ سومري جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي نعت جي تاريخ ۽ ڄاڻ، نعت جي وصف، آسماني ڪتابن ۾ نعت جو تذڪرو، سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعريءَ جو احاطو ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ حمد باري تعالى، مناجات ۽ نعت رسول مقبول صه سان والهانه عقيدت سان اظهار ڪيل آهي. ڪتاب جو مقدمو نامور ليکڪ پروفيسر اسرار احمد علويءَ لکيو آهي. هي ڪتاب حافظ الملت اڪيڊمي خانقاه عاليه ڀرچونڊي شريف ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪيءَ طرفان 2012ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ڪو به هديو نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو